ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) هلندڙ مهيني شروع ٿيندڙ ايشيا ڪپ جي حوالي سان سمورين ٽيمن جا رانديگر تياريون ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ کي ذهني ۽ جسماني طور مضبوط بڻائي رهيا آهن. بنگلاديش جا رانديگر به ڀرپور تياري ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ بنگلاديش جي رانديگر محمد نعيم شيخ جي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو ٻرندڙ ڪوئلن تي هلندي نظر اچي رهيو آهي. اها وڊيو بنگلاديش جي سوشل ميڊيا مئنيجر سيف احمد ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته نعيم شيخ دماغي مضبوطي لاءِ ٽرينر سان گڏ ٽريننگ ڪري رهيو آهي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ماڻهن ٽرينر تي تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪنهن جي حياتي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. ٽرينر سبط حسن آهي جيڪو ان کان اڳ بي پي ايل جي فرنچائز رنگپور رائڊرز سان گڏ به ڪم ڪري چڪو آهي. هو بنگلاديش جو مشهور ذهني ٽرينر آهي ۽ اڪثر ملڪ ۾ قومي ۽ عالمي رانديگرن جي دماغي حالت کي مضبوط ڪرڻ تي ڪم ڪندو آهي. ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش جي پهرين ميچ 31 آگسٽ تي ڪينڊي ۾ سري لنڪا سان کيڏي ويندي.