اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي حوالي سان ڀارت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي هائبرڊ ماڊل کي تسليم ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هائبرڊ ماڊل کي مشروط طور تي قبول ڪندو، جنهن ۾ شرط رکيو ويو آهي ته پاڪستان ٽيم جي هندستان ۾ شيڊول ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻي پوندي، هائبرڊ ماڊل تحت ڀارت ايشيا ڪپ جا مقابلا نيوٽرل وينيو تي کيڏندو، جڏهن ته ميزبان ملڪ سريلنڪا يا گڏيل عرب امارتون ٿي سگهن ٿا، تازو ئي سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ڀارت سميت ٻين بورڊز موقف اختيار ڪيو هيو ته يو اي اي ۾ وڌيڪ گرمي هوندي، جنهن سبب رانديگرن کي انجريز ٿي سگهن ٿيون، ان لاءِ ميچز سريلنڪا ۾ ڪرايا وڃن، ٻئي طرف ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايشيا ڪپ جي شيڊول جو اعلان ڀارتي فيصلي بعد ڪندو، واضح رهي ته ورلڊ ڪپ 2023 هلندڙ سال ڀارت ۾ کيڏيو وڃڻو آهي، جڏهن ته بي سي سي آءِ اڃا تائين سيڊول جو اعلان ناهي ڪيو، ڇو ته پاڪستان ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ تي گرين شرٽس ڀارت ۾ شيڊول ورلڊ ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو.