ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ايشيا ڪپ سپر فور جي ٻين ميچ اڄ ڪولمبو ۾ روايتي حريف هندستان خلاف کيڏندو، ٻنهي ٽيمن پنهنجي پنهنجي ڀرپور تياري ڪري ورتي آهي، ٻنهي ڪپتانن ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ورتي آهي،   پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪوششن سان پاڪ هند ميچ لاءِ اضافي ڏينهن جي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل حامي ڀري ورتي آهي، پي سي بي سريلنڪا ۾  برسات سبب ڪيئي ڀيرا اعتراض اٿاريا هئا جنهن کانپوءِ هڪ اضافي ڏينهن رکيو ويو آهي، جيڪڏهن اڄوڪي ميچ ۾ بارش پئجي وڃي ٿي ۽ ميچ مڪمل نه ٿي سگهيو ساڳي ميچ 11 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي ۽ اها اتان ئي شروع ٿيندي جتان ميچ بند ٿي هئي، هوڏانهن پاڪستان، هندستان خلاف اڄوڪي ميچ لاءِ پنهنجي پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو هندستان خلاف به اها ئي ٽيم ميدان تي لهندي جيڪا بنگلاديش خلاف آخري ميچ کيڏي هئي. قومي ٽيم ٽن فاسٽ بالرن، هڪ فاسٽ بولنگ آل رائونڊر ۽  3 اسپن آل رائونڊر شامل آهن. فاسٽ بالنگ جي شعبي ۾ شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف کي فهيم اشرف سپورٽ ڪندو. اسپن ڊپارٽمينٽ ۾ وري نائب ڪپتان شاداب خان، افتخار احمد ۽ سلمان آغا  شامل هوندا، بيٽنگ ٽاپ آرڊر ۾ فخر زمان، امام الحق ۽ ڪپتان بابر اعظم شامل آهن، محمد رضوان وڪيٽ ڪيپنگ سان گڏ بيٽنگ جا به جلوا ڏيکاريندو.