حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد حيدرآباد پهچي ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو ۽ انتظامي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي. ايشائي ترقياتي بينڪ حيدرآباد جي انفرا اسٽريڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ مالي تعاون جي به خاطري ڪرائي آهي. گڏجاڻي ۾ شهر جي انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ جديد شهري ضرورتن مطابق منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون، اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، اربن پروگرام جي يونٽ هيڊ ميان شوڪت شفيع، سينيئر اسپيشلسٽ سارا ايف اظفر، ڪلائيميٽ چينج اسپيشلسٽ اوڪيو جو جان،پروڪيورمينٽ اسپيشلسٽ محسن اسلم خان، ميونسپل ڪمشنر ظهور احمد لکڻ، واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي سي او طفيل ابڙو، ڊاڪٽر تنوير حسين، ڪنسلٽنٽ سليم الدين ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پاڻي جي فراهمي، نيڪالي، ماحولياتي بهتري، موسمي تبديليءَ سان مطابقت ۽ شهري ضرورتن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته ۾ حيدرآباد جي ماسٽر پلان تي ڪم جاري آهي ۽ سنڌ حڪومت جو پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ان حوالي سان سرگرم آهي.ميونسپل ڪمشنر ظهور احمد لکڻ ٻڌايو ته شهر ۾ روڊن جي مرمت، پيچ ورڪ، سي سي ورڪ،خوبصورتي، پارڪ، شجرڪاري، پيور بلاڪ ورڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي. نياز اسٽيڊيم جي بحالي ۽ شهري انٽرنيشنل اسپورٽس سرگرمين لاءِ پڻ اڳڀرائي ڪئي وئي آهي.ميئر ڪاشف شورو چيو ته شهر جي بهتر مستقبل لاءِ بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. حيدرآباد جي آبادي 25-30 لک جي لڳ ڀڳ آهي جنهن لاءِ نوان فلٽر پلانٽ گهربل آهن. شهر ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ بورنگ جو پاڻي استعمال ٿيڻ تي به ڳڻتي آهي ايشين ترقياتي بئنڪ جي نمائندن پائيدار ترقي، شهر کي بهتر بڻائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ تفصيلي مالي ماڊلز تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.