نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون جي رٽائرمنٽ واري معاملي هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. ايشون جو چوڻ آهي ته هن برسبين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان روهت شرما جو چوڻ آهي ته ايشون پرٿ ۾ پهرين ٽيسٽ دوران ئي رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. ٻئي پاسي، ڀارتي اسپنر جي پيءُ جو چوڻ آهي ته پٽ جي اوچتو رٽائرمينٽ تي کيس پڻ جهٽڪو لڳو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن خواهش هئي ته ايشون ڀارت لاءِ وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏي. چنائي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ايشون جي پيءُ چيو ته اوچتو رٽائرمينٽ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته سندس تذليل ڪئي وئي هجي. ايشون ٽيسٽ سيريز جي دوران ئي خميس تي پنهنجي اباڻي شهر چنائي واپس پهتو، جتي سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو . ڀارتي اسپنر برسبين ٽيسٽ ۾ به ٽيم جو حصو نه هو ۽ ميچ جي چوٿين ڏينهن هن رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. ڪرڪيٽ ماهرن جو چوڻ آهي ته واشنگٽن سندر کي پرٿ ٽيسٽ ۾ ايشون تي ترجيح ڏئي، سليڪٽرز اڻ سڌي طرح اِهو پيغام ڏنو ته هو مستقبل جي پلان جو حصو نه آهي.