ممبئي (شوبز نيوز) پنهنجن جلون ۽ اکين سان لکين دلين کي زخمي ڪندڙ اداڪارا ۽ گلوڪارا پريانڪا چوپڙا جي خوبصورتي کيس ڪاليج نه وڃڻ ڏنو.پريانڪا چوپڙا ننڍي عمر کان ئي ماڊلنگ شروع ڪئي هئي.پريانڪا جي حسن جي چرچن کيس 17 ورهين جي عمر ۾ ”مس ورلڊ بڻايو“. فيشن جي دنيا پريانڪا چوپڙا جي پڙهائي ۾ رنڊڪ بڻجي وئي ۽ هو ڪاليج نه وڃي سگھي.پريانڪا آمريڪا ۽ برطانيا جي مختلف اسڪولن ۾ ضرورت موجب ٿوري گھڻي تعليم حاصل ڪئي.پريانڪا چوپڙا جو چوڻ هو ته سندس خواهش هئي ته هو ڪرمل سائڪولوجسٽ بڻجي، هن پي سي ممبئي جي جي هند ڪاليج ۾ داخلا به ورتي پر هو ڪڏهن به ڪاليج نه وئي.ٻي پاسي قاتل ادائن ۽ نشيلين اکين واري اڳوڻي ”مس ورلڊ“ ايشوريا راءِ بچن پنهنجي فني ڪيريئر جيان تعليمي سفر ۾ به اڳتي وڃڻ جي قابليت رکي پئي.ايشوريا پنهنجي ذهانت سان انٽرميڊيئيٽ ۾ 90 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا هئا. اداڪارا عمارتن جي ڊزائين بڻائڻ ۾ دلچسپي رکندي هئي ۽ ان لاءِ هن ڪاليج ۾ داخلا به ورتي پر پڙهي نه سگھي. ٻارهين پاس ايشوريا راءِ بچن 21 ورهين جي عمر ۾ ”مس ورلڊ“ بڻي ۽ دنيا اڄ به سندس حسن جي پرستار آهي.