ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جا ٻه مشهور ستارا سلمان خان ۽ ايشوريا راءِ 90ع جي ڏهاڪي جي آخر تائين سڀ کان وڌيڪ پسنديده جوڙن مان هڪ هئا. فلم ” هم دل دي چڪي صنم“ ۾ سندن ڪيمسٽري کي ڏاڍي خوبصورتي سان پيش ڪيو ويو، پر فلم جي ڪهاڻي جيان حقيقت ۾ به هو ٻئي هڪ نه ٿي سگهيا. سندن الڳ ٿيڻ وارو معاملو ايترو سنجيده هو جو ايشوريا بعد ۾ سلمان سان ڪنهن قسم جي لاڳاپي ۾ هجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيترن ئي تقريبن ۾ هن سلمان کي نظرانداز ڪيو .تازو ئي هڪ سينئر فلمي صحافي جوڙي جي بريڪ اپ بابت تفصيل شيئر ڪيا آهن. سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حنيف زاويري هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ايشوريا ۽ سلمان جي لاڳاپن تي ڳالهايو. هن دعويٰ ڪئي ته هو ٻئي هڪٻئي لاءِ تمام گهڻو سنجيده هئا ۽ شادي ڪرڻ چاهين پيا پر ايشوريا جي ماءُ پيءُ کي سلمان قبول نه هو. حنيف زاويري چيو ته” سلمان جو نالو ٻين اداڪارن جهڙوڪ سومي علي ۽ سنگيتا بجلاڻي سان ڳنڍيل رهيو هو، جنهن سبب ايشوريا جي والدين کي لڳندو هو ته سلمان رڳو فلرٽ ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو” سلمان جلدي شادي ڪرڻ چاهيندو هو پر ايشوريا شادي لاءِ تيار نه هئي، جنهن سبب ٻنهي وچ ۾ ويڇا وڌڻ لڳا. حنيف زاويري موجب هڪ ڀيرو سلمان ايشوريا جي بلڊنگ تي وڃي زور سان در کڙڪايو ۽ هنگامو کڙو ڪيو، جنهن تي پاڙيسرين سلمان خلاف اخبارن ۾ بيان ڏنا، اهو سڀ ڪجهه ايشوريا کي نامناسب لڳو، جنهن سبب هن سلمان سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو.