ممبئي(شوبز نيوز) عليحدگي جي افواهن جي وچ ۾، هندستاني اسٽار جوڙي ايشوريا راءِ ۽ اڀيشڪ بچن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي. بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن تازو ئي سوشل ميڊيا تي پنهنجي مڙس اڀيشڪ بچن ۽ ڌيءَ ارادي سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي. اداڪارا هي تصوير پنهنجي 18 هين شادي جي سالگرهه جي موقعي تي شيئر ڪئي، جنهن انهن جي عليحدگي جي افواهن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ايشوريا ۽ اڀيشڪ الڳ ٿي ويا آهن. خاص طور تي جڏهن ٻنهي 2024 ۾ مختلف پروگرامن ۾ الڳ الڳ شرڪت ڪئي، جهڙوڪ اننت امباني جي شادي، ته اهو جوڙو ڌيان جو مرڪز رهيو، وڌيڪ قياس آرائي تڏهن وڌي وئي جڏهن اڀيشيڪ سوشل ميڊيا تي طلاق بابت هڪ پوسٽ کي پسند ڪيو. جڏهن ته، ٻنهي ان حوالي سان ڪو به سرڪاري بيان جاري نه ڪيو آهي.