چنائي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ جلد ئي پنهنجي فلم پوني سيلون جي سيڪوئل ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب تامل فلم ”پوني سيلون 2“ جو ٽريلر ۽ ميوزڪ البم رليز ڪيو ويو آهي، فلم هلندڙ سال 28 اپريل تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي. گذريل رات چنائي ۾ ’پوني سيلون: 2‘ جي ٽريلر ۽ ميوزڪ لانچ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ انڊسٽري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ايشوريا راءِ، ٽريشا ۽ جيام روي عرف ارولموزي ورمن شامل هئا.