ملير: ملير بار جي صدر ارشاد شر جي اڳواڻي ۾ سينيئر وڪيل ڪارڪنن ۽ وڪيلن تي تشدد ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پھتا، جتي ايس ايس پي ملير ۽ وڪيل اڳواڻن ۾ ڳالھيون ٿيون، ايس ايس پي ملير پاران پوليس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي وڪيلن نعريبازي ڪندي ٿاڻي مان ٻاھر نڪري مظاھرو ڪيو، جنهن کي خطاب ڪندي ملير بار جي صدر ارشاد شر چيو تھ ملير پوليس پرامن ڌرڻي تي ڪاھھ ڪري وڪيلن ۽ ڌرڻي ۾ ويٺل ڪارڪنن ۽ شھرين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کين گرفتار ڪري ورتو آھي، پوليس پاران روڊ تي لڳل ٽينٽ پڻ پٽيو ويو، جيڪو عمل غيرقانوني ۽ غير آئيني آھي، اسان جو ھڪ ھفتي کان لنڪ روڊ تي پرامن ڌرڻو جاري ھو،  ڪنھن بھ ماڻھو يا گاڏي کي ڪو بھ نقصان نھ پھتو، انهي باوجود پوليس بناجواز پرامن ڌرڻي تي چڙھائي ڪري زيادتي ڪئي آھي، ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي اسان جي درخواست وٺڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ کان  جواب ڏئي ڇڏيو آھي، اسان پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس لاءِ ملير ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين، ڌرڻي تي چڙھائي ڪندڙ ۽ وڪيلن تي تشدد ڪندڙ اھلڪارن کي ڪنھن بھ صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو،