ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾سچل ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او شيخ محمد شعيب عرف شوٽر  جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ايس ايچ او خلاف شهري کي اغوا بعد ڀنگ وصول ڪرڻ جو ڪيس داخل آهي، يرغمالي هن وقت تائين بازياب  ناهي ٿيو،  عدالت ۾ يرغمالي جي وارثن ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي عدالت چيو ته توهان خاموش رهو نه ته ڪيس نه ٻڌنداسين، عدالت چيو ته جيڪڏهن جوابدار کي جيل ۾ رکڻ سان توهان جو ماڻهو بازياب ٿئي ٿو ته اسان کيس جيل ۾ رکنداسين، عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو چيو ته يرغمالي ڪهڙو ڪم ڪندو هو. جنهن تي فريادي جي وڪيل چيو ته محمد شريف رنگ جو ڪم ڪندو هو، سندس ڪنهن به تنظيم سان وابستگي ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته پوليس پاران شهري کي اغوا ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ جنهن تي فريادي جي وڪيل چيو ته جوابدار ايس ايچ او ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي ٽيم جو حصو ۽ نقيب الله قتل ڪيس جو جوابدار آهي، هن چيو ته  ايس ايڇ او اغوا جي ٻن ڏينهن بعد يرغمالي شعيب کي زخمي حالت ۾ گهر آڻي آزادي لا۽ پنج لک رپيا طلب ڪيا، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته رائو انوار کي پنجن لکن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ رائو انوار ته مسنگ پرسنس کي هيڏانهن هوڏانهن ڪندو هو، عدالت ايس ايس پي اوڀر کي يرغمالي جي بازيابي لا۽ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏيندي  چيو ته پيرسن جي بازيابي لا۽ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي, عدالت مبينه ٽائون ٿاڻي کان ڪيس ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي رپورٽ  طلب ڪندي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.