ملير (رپورٽر ) سنڌو تي 6 ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون ڏيڻ واري فيصلي خلاف ايس ٽي پي پاران گهگهر ۾ هنيل ڌرڻي جو ڪيس ايس ٽي پي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن سميت 38 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، قلم 147-148-149-341 ۽ 505 هيٺ داخل ڪيس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، حاڪمزادي ٿيٻو، سيد جلال شاھ، خير محمد مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ منان شيخ، ملير پريس ڪلب جي صحافي محمد خان ڪلمتي ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.