ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران عيد کان پوءِ ڪمون شهيد تي تاريخي ڌرڻي ھڻڻ سان گڏ 30 مارچ تي ڪئنال جي اڏاوت خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ پارٽي جي اڳواڻن ضلعي صدر جان محمد جوڻيجو، نور الله مگسي، ممتاز سراز ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي به سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري چڪي آهي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته “سنڌ جو ماڻهو پاڻ وڃي ڪئنالن جي اڏاوت کي روڪي نه ٿو سگهي، پر جيڪي بااختيار آهن، اهي ڇو خاموش آهن؟” هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي احتجاج جو اعلان ائين آهي جيئن ڪو ايس ايس پي پنهنجن سپاهين خلاف احتجاج ڪندو ھجي! اڳواڻن چيو ته “سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سان لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿي ويندي، جيڪا سنڌ جي زراعت لاءِ تباهيءَ جي برابر آهي. ان ڪري سنڌ جي ماڻھن کي سستي وارو رويو اختيار نه ڪرڻ گھرجي. اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌو جي بقا لاءِ احتجاجن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن، 30 مارچ تي وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو ويندو، ڀلي اسان جي خلاف ڪھڙي به ڪاروائي ڪئي وڃي، ڪيس داخل ڪيا وڃن يا جيل ۾ وڌي وڃي، پر اسان پنهنجو پاڻي وڪڻڻ نه ڏينداسين..