ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ جي خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ احتجاجي ڪارنر گڏجاڻيون  ڪري 10 اپريل سڀاڻي حيدرآباد بدين روڊ تي طويل ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، مرڪزي جوائنٽ سيڪٽري ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، مرڪزي ماليات سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد نوناري، اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاھه ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو. هنن چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌي عوام کان پنهنجي جياپي جو حق کسڻ آهي، سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جنهن پاڪستان جي قيام عمل لاءِ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد منظور ڪرائي هن ملڪ جو قيام ڪرايو هاڻي سنڌ جي عوام کي ان جي سزا ڏيڻ لاءِ وفاق جي نالي ۾ مسلم ليگ ن ، پيپلز پارٽي ۽ سندن حمايتي 6 نوان ڪئنال قائم ڪري سنڌ کي هميشه لاءِ تباھه برباد ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو ٺاهيو آهي، جيڪو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ سنڌ لاءِ خطرو بڻيل آهي، قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جا اسيمبلي ميمبر عوام کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ پنهنجي قرارداد پيش ڪرڻ کان اڳ مخالفن کان حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ڏيکاري سنڌ جي عوام کي جيڪو موقف ڏيکاري رهيا آهن، اهو ان جي ابتڙ آهي ڪئنالن جي منظوري وفاق ۾ ڪرائڻ کانپوءِ هاڻي سنڌ جي عوام جي شديد رد عمل کان خوفزده ٿي ڪئنالن جي خلاف پاڻ احتجاج ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري سڄي سنڌ پ پ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان ۽ سندن سنڌ حڪومت جي وڏي وزير ڪابينا سميت حڪومت کان الوداع ڪرڻ جو مطالبو ڪندي کين عوام سان گڏجي پنهنجو پاڻ کي ٻٽي معيار کان الڳ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم هميشه لساني سياست ڪئي آهي، جنهن جي ڪري ايم ڪيو ايم مان ڪا به اميد رکي نٿي سگهجي، پي ٽي آءِ جي سنڌ قيادت کي پنهنجي مرڪزي قيادت کان ساڳيو موقف ڪئنالن جي مخالفت ۾ رکڻ گهرجي، سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرن جي شيڊول تحت 10 اپريل تي ٽنڊو محمد خان ۾ تاريخي ڌرڻي جو اعلان ڪرڻ سان گڏ 4 مئي تائين مسلسل ڌرڻا هڻڻ کانپوءِ وري احتجاج جو دائرو ايوانن تائين وڌائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا روڊ رستا ڪئنالن کي رد ڪرڻ تائين بند ڪيا ويندا .