ملير: نوابشاهه پوليس پاران ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ عورتن مٿان تشدد خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي ملير پريس ڪلب آڏو نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو
ڌرڻي سبب ڪراچي ٺٽو شاهراهه بلاڪ ٿي ويو، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون
ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شامل اڳواڻن ٻڌايو ته ايس ايس پي نوابشاهه جي قيادت ۾ پوليس پرامن مظاهرين کانسواءِ چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن، ٻارڙن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيل سخت تشدد جي مذمت ڪيون ٿا