ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته بلاول زرداري ۽ آصف زرداري گڊ ڪاپ ۽ بيڊ ڪاپ جي راند کيڏي رهيا آهن، بلاول نام نهاد جمهوري ۽ آصف زرداري پرو اسٽيبلشمينٽ بڻجي رهيو آهي، جنهن طرح نگران حڪومت کنڊ مافيا، اٽي مافيا، ڊالر مافيا، ايراني تيل اسمگلنگ خلاف آپريشن ڪري رهي آهي، ايس يو پي مطالبو ڪري ٿي ته پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ سسٽم کي ٽوڙڻ لاءِ وسيع حڪمت عملي جوڙي وڃي، ڪالهه هتي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي باڊي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزير اعليٰ ھائوس کان وٺي وزيرن جي آفيسن ۾ پ پ جون باقيات ڪم ڪري رهيون آهن، جن کي فوري طور تي هٽايو وڃي، هن چيو ته سنڌ جو صوبائي اليڪشن ڪمشنر پڻ پ پ جو سھولتڪار بڻيل آھي، سندس موجودگي ۾ سنڌ ۾ شفاف چونڊون ممڪن ناهن