سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ سيد زين شاه ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيلن جي احتجاجي ڌرڻي جي ايس يو پي پاران مڪمل حمايت ڪيون ٿا، مرڪزي قيادت سميت ايس يو پي جا ڪارڪن شريڪ ٿيندا. هن چيو ته 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ 20 اپريل تي ڪراچي ۾ مارچ ڪيو ويندو. وڪيلن ۽ شاگردن سميت ٻين پارٽين جي احتجاج سان ڪئنالن خلاف تحريڪ کي طاقت ملي آهي. 20 تاريخ تائين اسان جا احتجاج شيڊول آهن جيڪڏهن پوء وڪيلن جو ڌرڻو جاري رهيو ته ان بعد مان وڪيلن جي ڌرڻي ۾ پاڻ شامل ٿيندس. دريا بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن سان مشاورت ڪبي جيڪڏهن  طئه ٿيو ته اهي به وڪيلن جي حمايت ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن ڍونگ ٿي چڪي آهي عمرڪوٽ ۾ پوري سنڌ جي آفيسرن ۽ پ پ اڳواڻن کي گهرائي اليڪشن ڪرائي وئي. بيلٽ پيپر اضافي ٺهرائي پولنگ آفيسرن کي ڏنا ويا اهڙيون جعلي اليڪشنون ٿينديون رهيون ته عوام جو اليڪشن تان ويساهه کڄي ويندو، مجبورن ماڻهو ٻيو رستو ڳوليندا.