ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول ۾ غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروايون شروع، ڊي جي اسحاق کھڙو غير قانوني اڏاوتن بابت شايع ٿيل خبرن جو نوٽيس ورتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالسميع سميت ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کان ٽن ڏينھن ۾ وضاحت طلب، جواب جمع نھ ڪرائڻ جي صورت ۾ ڪارروائي جو چتاءُ، تفصيل موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ اسحاق کھڙو جي ڊائريڪٽر جنرل مقرريءَ کانپوءِ ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪاررايون شروع ڪيون ويون آھن، اسحاق کھڙو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ فوري طور آفيسرن کي طلب ڪري ورتو، ڊائريڪٽر جنرل پاران پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڪراچي ايڊمن سوسائٽي ۾ غير قانوني تعميرات جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل خبر جو ڊي جي نوٽيس ورتو ۽ غير قانوني تعميرات جي اجازت ڏيندڙ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالسميع کان ٽن ڏينھن ۾ وضاحت طلب ڪري ورتي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کھڙو جو چوڻ ھو تھ ٽن ڏينھن ۾ نوٽيس جو جواب نھ ڏيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف ريگيوليشن رولز 4، موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، لاڳاپيل آفيسر کي ھدايت ڪئي وئي آھي تھ پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڪراچي ايڊمن سوسائٽي ۾ غير قانوني تعميرات بابت جامع رپورٽ ٽن ڏينھن اندر جمع ڪرائي وڃي، ھوڏانھن ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کھڙو ايس بي سي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد جليس صديقي کي ھدايت ڪئي آھي تھ ضلع اوڀر ۾ اسڪيم 33 ۾ غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث آفيسرن جي تفصيلي رپورٽ ٽن ڏينھن ۾ پيش ڪئي وڃي، ڊي جي اسحاق کھڙو آفيسرن کي ھدايتون ڏيندي چيو آھي تھ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڪٿي بھ غير قانوني اڏاوت برداشت نھ ڪئي ويندي، ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، سندس چوڻ ھو تھ ڪنھن بھ ضلعي ۾ جيڪڏھن قانون موجب اڏاوت ٿي رھي آھي ۽ انهن کي ڪو مسئلو آھي ته ان کي فوري طور حل ڪيو وڃي ۽ شهرين کي قانوني اڏاوتن ۾ فوري مدد فراهم ڪئي وڃي،
ھن وڌيڪ چيو تھ اڳوڻي سسٽم سان ڪم ڪندڙ ڪرپٽن آفيسرن کي ڪنھن بھ صورت ۾ بخش نھ ڪبو.