خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت، عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايچ او سميت ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ٻڌڻي سول ڪورٽ منتقل ڪئي وئي. ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايچ او رفيق احمد سومرو ۽ اي ايس آءِ خان محمد چاچڙ خلاف ڪيس داخل ڪري معاملو سول جج جي عدالت ڏانهن ٻڌڻيءَ لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو. فورٿ ايڊيشنل سيشن جج مس ثمينه منگي جي عدالت پڻ عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي بهارو ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف وٽيس جاري  ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.