خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ، مسلسل غير حاضر رهڻ تي وڏا ماڇيون ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٽن ڄڻن جون پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري، عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم. خبر موجب خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج محمد اسلام الحق آرائينءَ جي عدالت وڏا ماڇيون ٿاڻي جي هڪ منشيات ڪيس ۾ جاچ عملدار ۽ سندس مشيرن جي مسلسل غير حاضر رهڻ تي ڪيس جي جاچ عملدار وڏا ماڇيون ٿاڻي جي ايس ايچ او انور علي ابڙو ۽ پوليس اهلڪار اظهر علي هليو ۽ سپاهي شفقت علي ابڙو جون پگهارون بند ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.