خيرپور ناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي مدينا ڪالوني جي رھواسڻ سنڌ جي نامياري فنڪارا فلڪ علي چانڊيو الزام هنيو آهي ته ميھڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو ۽ ان جي سالي ايس ايڇ او جي پرائيويٽ گن مين سليم چانڊيو منھنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيوآهي. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ھن چيوته ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو دوستي نه رکڻ تان فون تي ۽ پنھنجي سالي پرائيويٽ گن مين سليم چانڊيو جي معرفت موتمار ڌمڪيون موڪليندو رھي ٿو ۽ چئي ٿو ته مون سان دوستي رک ۽ منھنجي ڪوارٽر تي اچي مون کي راضي ڪر ۽ غليظ الفاظ استعمال ڪندو رھندو آھي ھن چيوته مان فنڪارا آھيان ۽ عزتدار گھراڻي جي آھيان ھن وڌيڪ چيوته ھو چوي ٿو ته جيڪڏھن نه ملندي ته تنھنجو خير نه هوندو ۽ توتي ۽ تنھنجي مڙس مٿان مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪندس. ھن اھو به چيو ته اسين جھر جھنگ وڃي پروگرام ڪندا آهيون اسان ھن ايس ايڇ او مان جاني مالي خطرو آھي جيڪڏهن مون کي ۽ منھنجي مڙس رجب چانڊيو کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو ۽ ان جو سالو پرائيويٽ گن مين سليم چانڊيو ھوندا. ھن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد کان انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو. جڏھن ته ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو ٽائيم نيوز کي موقف ڏيڻ کان لوائيندو رھيو ۽ فون تي رابطو ڪندي ٻڌايو ته فلڪ کي ڪڏھن به گھٽ وڌ نه ڳالهايو ۽ نه ئي فون تي ڳالھائم دوستي واري ڳالھ غلط آھي مون تي الزام ھنيو پيو وڃي ھن وٽ ڪو ثبوت آھي ته ظاهر ڪن..