ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي جي ترجمان پوليس اهلڪارن کي سسپينڊ ۽ انڪوائري ڪرڻ جي رڳو پريس رليز مختلف واٽس ايپ گروپن تي جاري ڪئي، جڏهن ته عملي طور ڪا به ڪارروائي سامهون اچي ناهي سگهي، ڌرڻو ختم ٿئي عرصو گذري چڪو آهي پر طئي ٿيل ڳالهين تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، واضح رهي ته ايس ايس پي امجد شيخ لٺبازي ڪندڙ ايس ايچ او بي سيڪشن عبدالقادر بنگوار ۽ پوليس اهلڪارن کي سسپينڊ ڪري انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.