ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جهول جي ايس ايچ او عبدالخالق شاهه تي هراسان ڪرڻ جو الزام هڻندڙ عورت پوليس اهلڪارن سويرا، اقصيٰ ۽ مليحا چيو آهي ته اسان پنهنجي بيان تي قائم آهيون ۽ پنهنجي حق لاءِ بيٺل رهنداسين اسان اهڙو ڪو به بيان ناهي ڏنو جنهن تان سمجهيو وڃي ته اسان بيان تان ڦري ويا آهيون. پنهنجي پڌرائي ۾ هنن چيو ته اسان پنهنجي بيان تي بيٺل آهيون ءِ پنهنجي حق جي جنگ وڙهي رهيا آهيون اسان کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ تي يقين آهي ته اسان سان انصاف ڪيو ويندو.