خانپور (ن پ ا) ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کي ذھني مريض، ڏوھارين جو ساٿاري ۽ ڪرپٽ هجڻ جا الزام ھڻندڙ ڊي ايس پي خانپور مھدي رضا ٽالپر کي آءِ جي سنڌ عھدي تان ھٽائي سي پي او ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفي ڪورائي کي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي ايس پي مهدي رضا ٽالپر ذھني مريض، ٽي سي اھلڪارن کي ٿاڻن تي ايس ايچ اوز مقرر ڪرڻ ۽ پوليس کي ملندڙ تيل جي مد ۾ ڪرپشن ڪرڻ جا الزام ھنيا هئا، معاملو ميڊيا ۾ اچڻ بعد آءِ جي سنڌ رفعت مختيار نوٽيس وٺندي فوري طور ڊي ايس پي مھدي رضا ٽالپر کي سندس عھدي تان ھٽائيندي ڪراچي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.