چڪ: ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ موجود خطرناڪ هٿيارن واري حقيقت کان انڪار ناهي، ڌاڙيل منير مصراڻي جي ٽولي سان مقابلو ٿيو، چڪ جي ايس ايچ او جي شهادت جو منير مصراڻي توڙي سندس ساٿين کان بدلو ضرور وٺبو. ڏوهارين وٽ پوليس کان وڌيڪ جديد هٿيار آهن، پر ان باوجود اسان جا جوان 7 ڪلاڪ جنهن انداز سان وڙهيا آهن، هن ڀيري پوليس اي پي سي ۾ شهادتون نه ٿيون آهن جوان بهادريءَ سان لهي وڙهيا آهن. پوليس پاران هڪ ڪروڙ رپيا ۽ ٻن نوڪرين جو اعلان ڪيون ٿا جيڪي سندن وارثن ضرور ملنديون.