ايس ايس پي شڪارپور بدلي، تنوير تنيو نئون ايس ايس پي مقرر

0
689

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي شڪارپور جي دوري بعد ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي کي بدلي ڪري تنوير حسين تنيو کي نئون ايس ايس پي شڪارپور مقرر ڪيو ويو آهي. امير سعود مگسي کي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن خلاف نتيجا خيز آپريشن لاءِ تنوير تنيو کي ايس ايس پي شڪارپور مقرر ڪيو ويو آهي.