حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار پاران عھدي جي ٻيھر چارج وٺڻ وڪيل برادري سڀاڻي 20 فيبروري کان وري احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ھڪ سرڪيولر جاري ڪندي چيو ته اسان کي خبر پئي آهي ته ڊاڪٽر فرخ لنجار ٻيھر ايس ايس پي حيدرآباد طور چارج سنڀالي آھي جنھن سان اسان کي تڪليف ٿي آھي انڪري حيدرآباد ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي مئنيجنگ ڪميٽي جو گڏيل اجلاس ڇنڇر ڏينهن منجهند ھڪ وڳي ھاء ڪورٽ بار جي ھال ۾ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ سمورا دوست پھچن ته جيئن اڳتي جو لاءِ عمل جوڙيو وڃي ان ڏس گذريل رات به ڊسٽرڪٽ بار جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته موجوده ايس ايس پي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي ان کان اڳ به ھاء ڪورٽ بار ھڪ سرڪيولر پاس ڪيو هو ھاء ڪورٽ بار ايس ايس پي فرخ لنجار کي ناپسنديده قرار ڏئي ٿي ۽ ڄاڻايل ايس ايس پي بار جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري پروگرام ۾ شرڪت نه ٿو ڪري سگهي. هوڏانهن حيدرآباد بار ايسوسيئيشن طرفان 20 ا فيبروري کان مڪمل طور تي عدالتي ڪارواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي چيو ويو آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، وڪيلن پاران هڪ دفعو ٻيهر ايس ايس پي حيدرآباد خلاف ميدان ۾ لهڻ جو اعلان ڪندي حيدرآباد بار ايسوسيئيشن طرفان 20 ا فيبروري کان مڪمل طور تي عدالتي ڪارواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي حيدرآباد بار ايسوسيشن طرفان سموري سنڌ جي بارز کي ساٿ ڏئي تالا بندي ڪرڻ جو اپيل ڪئي وئي جيستائين ايس ايس پي فرخ لنجار جي ٽرانسفر نه ٿيندي تيستائين عدالتي ڪاررواين بائيڪاٽ ۽ ڪورٽن جي تالا بندي جاري رهندي،ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن حيدرآباد جي صدر عشر مجيد کوکر پاران ايس ايس پي حيدراباد جي ٽرانسفر تائين مڪمل ڪورٽ جي تالا بندي جو اعلان ڪيو ويو