خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل، ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ جي روپوش ڏوهاري بيگو مري کي فون ذريعي ڦلپوٽا برادري جي اغوا ڪيل عورت جي بازيابيءَ لاءِ ڪيل ايلاز منٿن واري آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، آڊيو ۾ ايس ايس پي ڏوهاري بيگو مري کي پوليس اهلڪار اڪرام ڦلپوٽو جي گهر واري مسمات حميرا ڦلپوٽو جي بازيابي لاءِ زور ڀري رهيو آهي، جڏهن ته بيگو مري جو چوڻ آهي ته جيستائين مري برادري جي عورت واپس نه ٿيندي، تيستائين ڦلپوٽا برادري جي عورت کي واپس نه ڪيو ويندو، بيگو مري ايس ايس پي کي چيو ته ڦلپوٽا برادري جي عورت جي عزت آهي ته مري برادري جا ماڻهو به پنهنجي ننگن خاطر سوين جانيون قربان ڪري سگهن ٿا، ھن ايس ايس پي کي چيو ته اسان جي عورت کي ٻه مهينا گذري چڪا آهن پر پوليس اها واپس نه ڪرائي آهي ۽ جيڪڏھن ڦلپوٽا برادري اسان سان جهيڙو ڪندي ته اسان به جهيڙي لاءِ تيار آهيون، ايس ايس پي بيگو مري کي چيو ته هن مري برادري جي عورت سان شادي ڪندڙ نوجوان سميت ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي جلد ئي هو عورت کي واپس ڪرائي مري برادري حوالي ڪندو پر بيگو مري کيس چيو ته هڪ هفتي اندر جيڪڏھن اسان جي عورت واپس نه ٿي ته هو ڦلپوٽا برادري جي عورت جي ڪنهن نه ڪنهن سان شادي ڪرائي ڇڏيندا پوءِ ڀل ڪيتري به خونريزي ٿئي.