حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ايس ايس ٽي جو پيپر ليڪ ٿيڻ وارو معاملو، اميدوار عدالت ۾ چيئرمين ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، پوليس جاچ دوران انڪشاف باوجود انتظاميا اسسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ ٻين خلاف 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ڪرايو، اميدوارن ڪيترائي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا. رپورٽ موجب سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي خلاف سانگهڙ واسي اميدوار علي حيدر هنڱورجو پنهنجي وڪيل غلام حسين لغاري معرفت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ هن ايس پي ڪمپلينٽ سيل، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن، ايس ايڇ او جي او آر کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين، سيڪريٽري، امتحاني ڪنٽرولر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن جي سربراهي دوران ايس پي ايس سي جي ماتحت 16هين گريڊ جي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ميل جنرل ڪيٽيگري لاءِ امتحان ورتو پئي ويو. 20 فيبروري تي صبح جي وقت ٻين اميدوارن جيان هو به پيپر ڏيڻ لاءِ پهتو پر کين 11 وڳي ٻڌايو ويو ته پيپر ليڪ ٿي ويو آهي ان ڪري هاڻي نه ورتو ويندو. درخواست گذار موجب ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا اعليٰ عملدار معاملي ۾ ملوث آهن پر انهن پاڻ کي بچائڻ لاءِ رڳو اسسٽنٽ امتحاني ڪنٽرولر، 2 سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽرن ۽ 5 نائب قاصدن کي ذميوار قرار ڏئي کين معطل ڪري پوليس کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ان ڪري سندس استدعا آهي ته عدالت معاملي جو نوٽيس وٺندي چيئرمين ۽ سيڪريٽري سميت اعليٰ عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏي. وڪيل جو چوڻ آهي ته ايس ايس ٽي جو امتحان وٺڻ کان اڳ ئي سوشل ميڊيا تي پيپر وائرل ٿيو جنهن سان اها ڳالهه ثابت ٿي ته معاملي ۾ اعليٰ عملدار به ملوث آهن، جن حيدرآباد ۾ ٻن سينٽرن تي امتحان ڏيڻ لاءِ پهتل 10 هزار کان وڌيڪ اميدوارن جي تذليل به ڪئي ان ڪري درخواست ۾ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پوليس پاران پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي باوجود اڃا تائين ايس پي ايس سي جي ڪنهن به اعليٰ عملدار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست جمع ناهي ڪرائي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن هيستائين ڪيل جاچ بابت چيئرمين، سيڪريٽري ۽ امتحاني ڪنٽرولر کي آگاهي ڏني آهي پر ان باوجود انهن پاران ڪو رابطو ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري جاچ رڳو ان انڪشاف تائين محدود آهي رابطو ڪرڻ تي جي او آر ٿاڻي جي ايس ايچ او اعجاز لاکو چيو ته پوليس پنهنجي جاچ جاري رکيو اچي پر جيستائين ڪيس داخل نه ٿيندو اوستائين ڪو به ملوث ماڻهو گرفتار نٿو ٿي سگهي. ايس ايڇ او موجب ٽن ڏينهن کان ايس پي ايس سي جي ڪنهن به عملدار ساڻن ڪو رابطو ناهي ڪيو. ٻئي طرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا پاران پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪرڻ سبب اميدوارن ۾ خدشا شروع ٿي ويا آهن.