حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ جي اعلان باوجود ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي انتظاميا ڪارروائي دوران 7 ريسٽورنٽس ۽ 2 دڪان سيل ڪري ڇڏيا آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر مطاهر امين وٽو سٽي جي مختلف علائقن ۾ ريسٽورنٽس ۽ گارمينٽس جا دڪان کليل ڏسي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران 7 ريسٽورنٽس ۽ 2 دڪان سيل ڪري ڇڏيا. اي سي جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار جي حڪم مطابق هفتي ۾ 2 ڏينهن جمعو ۽ آچر ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻا هئا پر تنهن باوجود ڄاڻايل ريسٽورنٽس ۽ دڪان کليل هئا. هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي هر صورت ۾ عمل ڪرايو ويندو ۽ عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف سندن ڪارروايون جاري رهنديون.