ماسڪو(م ڊ)ب روسي صدر ولاديمير پيوٽن ايسٽر جي موقعي تي يوڪرين سان عارضي جنگبندي جو اعلان ڪيو آهي. روسي صدارتي آفيس ڪريملن موجب 19 اپريل شام 6 وڳي کان 21 اپريل رات 12 وڳي تائين جنگبند ڪئي ويندي. اميد آهي ته يوڪرين به عمل ڪندو. ڪنهن به ڀڃڪڙي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ٻئي طر آمريڪا پڪي جنگبندي جي صورت ۾ روس تي ڪجهه پابنديون ختم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ان تجويز تي يورپي ملڪن سان به ڳالهيون ڪيون ويون آهن.