لنڊن(م ڊ) بي بي سي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ايٽم بم ٺاهڻ کان رڳو هڪ وک پري آهي. پنهنجي رپورٽ ۾ بي بي سي جو چوڻ آهي ته ايران وٽ رچايل يورينيم جو ذخيرو 60 سيڪڙو ٿي ويو آهي ۽ فني لحاظ کان ايران ان کي استعمال ڪندي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان رڳو هڪ وک پري آهي. رپورٽ موجب ايران وٽ رچايل يورينيم ۾ هر روز اضافو ٿي رهيو آهي. عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جو چوڻ آهي ته 25 ڪلو يورينيم رچائڻ سان ايٽم بم ٺاهي سگهجي ٿو. رپورٽ ۾ مبصرن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته ايران تمام گهٽ وقت ۾ ايٽم بم ٺاهڻ جي قابل ٿي ويندو. جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا ماهرچئي چڪا آهن ته ايران 48 کان 24 ڪلاڪن ۾ ايٽم بم ٺاهي سگهي ٿو. جڏهن ته هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته ايران جو ايٽم بم ٺاهڻ جو وقت 24 ڪلاڪ نه پر هڪ هفتو آهي. ٻئي ماهر جو چوڻ آهي ته ايران وٽ 60 سيڪڙو رچايل يورينيم آهي ان کي 90 سيڪڙو تائين وڌائي 6 ايٽم بم ٺاهي سگهي ٿو.