انٽرنيشنل ايٽامڪ اينَرجي ايجنسي مطابق ايران ۾ ڪُل 12 نيوڪليئر سائيٽس (هنڌ) آهن، جن ۾ تهران، بونَب ۽ خونب ۾ واقع نيوڪليئر تحقيقاتي مرڪز، سَگند ۽ بندر عباس ۾ يورينيم جون کاڻيون، اصفهان ۾ يورينيم جو ڪنوَرزن (تبديل ڪندڙ) پلانٽ، فورڊو ۽ ناتانز ۾ يورينيم جَي رچاءُ وارا پلانٽ شامل آهن. جڏهن ته ايران ٽن هنڌن مَريوَين، لَيويسَن ۽ وَيرَيمِن ۾ قائم نيوڪليئر سائيٽس تي موجود سرگرميون ڊڪليئر نه ڪيون آهن.

ايران وٽ رڳو هڪ مڪمل نيوڪليئر پاور پلانٽ بُشهير ۾ موجود آهي، جنهن لاءِ روس ۽ ايران ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهن ته اهو نيوڪليئر پلانٽ صرف شهري مقصدن لاءِ استمعال ٿئي ٿو، جنهن جا ڪي به فوجي مقصد ناهن. روسي پرڏيهي کاتي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا ايران جي نيوڪليئر مرڪزن تي بمباري ڪئي ته اتي ” چرنل بوائل” جيان ڪنهن نيوڪليئر حادثي جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو، روس واضع ڪيو ته بُشهير ايٽمي پلانٽ تي 200 روسي شهري ڪم ڪن ٿا، اتي جيڪڏهن حملو ٿيو ته اهو روس تي هوندو، تنهن جي لاءِ اسرائيل ۽ آمريڪا نيوڪليئر سائيٽس جي ذڪر دوران بُشهير جو نالو ئي ناهن وٺندا.

آمريڪا ۽ اسرائيل ناتانز ۽ فوڊرو ۾ قائم يورينيم رچاءُ جي پلانٽن ۽ اصفهان ۾ قائم نيوڪليئر ڪنوَرزن پلانٽ کي ٽارگيٽ ڪيو آهي، في الحال ته اها تصديق طلب ڄاڻ ناهي ملي سگهي ته حملن ۾ ڪيترو نقصان ٿيو آهي، پر هن خطي جي جيو پوليٽڪل مستقبل لاء ڪجهه سوال اٿي رهيا آهن.

ڇا ايران قطر، ڪوويت ۽ بحرين ۾ قائم آمريڪي اڏن تي حملو ڪندو؟ ڇاڪاڻ ته اهي لاڳاپيل عرب ملڪ ان کي پنهنجي مٿان حملو به قرار ڏئي سگهن ٿا! آمريڪا جي ته اها خواهش ٿي سگهي ته اتي حملا ٿين ته جيئن عرب ملڪن ۽ عوام کي به ويڙهه ۾ ڇِڪَي اچجي ۽ ايران خلاف وڏو محاذ ٺاهجي ۽ اسرائيل تان ڌيان هٽائي دٻاءَ گهٽ ڪجي!

ڇا ايران رڳو ايراني نار ۽ اوماني نار جي وچ ۾ موجود اسٽريٽ آف هَرمز ( هَرمز جي گذرگاهه) بند ڪندو، ڇاڪاڻ ته ان سان رڳو ايراني تيل جي سپلائي بند نه ٿيندي پر سعودي عرب، ڪوويت، عراق ۽ بحرين جي تيل سپلائي ۽ قطر جي گيس سپلائي به دنيا کي بند ٿي ويندي، ڇا عرب ملڪ پنهنجي معاشي ناڪابندي تي خاموش ويهي سگهندا.؟

ممڪنه طور تي سڌن حملن ۽ معاشي ناڪابندي سبب عرب ملڪن جو رد عمل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن اهي لاڳاپيل عرب ملڪ ويڙهه ۾ ايران خلاف وڏو محاذ ٺاھي بيهي رهن ته ايران جي پوزيشن ڪهڙي هوندي؟ يا وري ممڪنه طور چين، روس ۽ يورپي ملڪن کي وچ ۾ وجهي ان وڏي ويڙهه کان پاسو ڪري ايران ان بحران ۾ پنهنجي لاءِ رستو ڪڍي ويندو، جنهن ۾ ايران جي مفادن جو به تحفظ ٿيل هجي ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ به فَيس سَيوِنگ ٿيل هجي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا پنهنجي مڪمل طاقت هئڻ باوجود ٽي لک فوج ايراني زمين تي لاهي ان کي فتح ڪرڻ واري غلطي ته ڪڏهن به نه ڪندو. (فيس بوڪ تان ورتل)