ايران ۾ حادثي دوران بس ۾ دٻجي ويل لاڙڪاڻي واسي نوجوان معجزاڻي طور بچي ويو
ايراني شهر يزدان ۾ روڊ حادثي دوران بس ۾ دٻجي ويل لاڙڪاڻي واسي زوار عبدالوهاب جاگيراڻي معجزاڻي طور بچي ويو
عبدالوهاب جاگيراڻي بس جي اندران والده کي مٺي ڏيندي وڊيو پيغام ۾ چيو هو ته امان منهنجي ٻچن جي پارت هجئي
عبدالوهاب جاگيراڻي ايراني اسپتال مان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته حادثي ۾ 30 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ڪيترائي زخمي آءِ سي يو ۾ داخل آهن
عبدالوهاب جاگيراڻي قافلي جي سرواڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته هن اڃا تائين اسان جي سار نه لڌي آهي