تهران (م ڊ) ايران جي شهر بندرعباس ۾ شهيد رجاني بندرگاهه تي زوردار ڌماڪو ٿي پيو جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، 512 ماڻهو زخمي ٿي پيا. خابرو ايجنسي جي رپورٽ موجب ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوري طور تي ڌماڪي جا سبب معلوم ناهن ٿي سگهيا. زودار ڌماڪي سان ويجهن عمارتن، گاڏين کي شديد نقصان رسيو، ڌماڪو بندرگاهه جي گيس ٽينڪ جي ٺڪاڻي ۾ ٿيو، فائر ٽينڊرز باهه وسائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهيو. هوڏانهن ڪسٽم عملدارن چيو آهي ته ڌماڪو امڪاني طور تي ڪيميڪل ۽ خطرناڪ شين جي گودام ۾ ٿي سگهي ٿو.