تهران(اسپورٽس نيوز) ايران ۾ انٽرنيٽ تي تمام گهڻيون پابنديون آهن، اتي ويب سائٽس ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي بلاڪ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پرتگال سان تعلق رکندڙ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ٻين غير ملڪي فٽبالرن کي ايران اچڻ تي مخصوص سم ڪارڊ ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، عرب ميڊيا موجب اها خاص سم ڪارڊ ان لاءِ ڏيڻ تي سوچيو پيو وڃي ته جيئن پرڏيهي رانديگر آساني سان انٽرنيٽ استعمال ڪري سگهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي فٽبال ڪلب االنصرv اڳين هفتي ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ ايراني فٽبال ڪلب سان گڏ اي ايف سي چيمپينز ليگ جون ميچون کيڏڻ ايندي، ايراني فٽبال ڪلب جي صدر رضا درويش سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو اسان کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا اهي عالمي فٽبالرن کي چون ٿيون ته ايران نه وڃو اتي انٽرنيٽ جي سهولت ناهي ۽ حالتون به خراب آهن ائين بلڪل به ناهي.