ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته ايران سان مضبوط لاڳاپا آهن. ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان سان ملاقات دوران  هن چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن،  سنڌ حڪومت واپاري ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ملاقات ۾ ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان چيو آهي ته ٻنهي ملڪن  ۾ مذهب ،ثقافت سميت گهڻيون ئي شيون  ساڳيون آهن. ٻئي ملڪ هڪٻئي  جي صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا.