ايران ۽ خطي لاءِ چيلنج بڻيل آمريڪي پرڏيهي پاليسي

0
141
 ايران ۽ خطي لاءِ چيلنج بڻيل آمريڪي پرڏيهي پاليسي

   ايران تي سالن کان معاشي  پابنديون آمريڪا جي  پرڏيهي پاليسيءَ جي اهم هٿيار طور آهن. پاليسي سازن طرفان واشنگٽن ۾، دهشتگردي ۽ تڪرار جي خطري کي روڪڻ لاءِ هر طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن،  خاص ڪري وچ اوڀر ۾ اهي گهڻي قدر وڌيا آهن. ملڪن جي پاپندين تي نظر ڦرائبي ته معلوم ٿيندو ته 2019ع تائين ڪيترن ئي ملڪن، گروهن، فردن ۽ تنظيمن تي پابنديون لڳايون ويون. ان حوالي سان آمريڪي خزاني واري کاتي تجويز ڏني ته پابندين جي لسٽ “بلقان کان زمبابوي تائين” شروع ڪئي وڃي. پاليسي سازن لاءِ، اقتصادي پابنديون چونڊ جو سامان بڻجي چڪيون آهن وڏن جيو پوليٽيڪل چئلينجن جو جواب ڏيڻ لاءِ وچ اوڀر جي سنجيده مبصرن جو خيال آهي ته موجوده ايران-آمريڪا جي وڌندڙ ڇڪتاڻ خطي تي ڪيترائي اثر وجهي سگهي ٿي. تيزي سان وڌندڙ هن بحران جي پسمنظر ۾ خطي جا آمريڪي مفاد پري کان  نظر اچي رهيا آهن.  هن ڪالم ۾ پاڻ هن ڳالھه کي واضع ڪنداسون  ته آمريڪا ايران جي حوالي سان ڪيترن  اختيارن کي استعمال ڪيو آهي، مثال طور، ڪنٽرول، حڪومتي تبديلي ۽ جوهري صلاحيت کي ختم ڪرڻ. اڃا تائين، پر تنهن  هوندي به ايراني رويي ۾ ڪا وڏي تبديلي نه آئي آهي. تنهن ڪري، هي آرٽيڪل “پنهنجي اخبار” جي پڙهندڙن کي  ايران-آمريڪي لاڳاپن ۾“پابندين جي تضاد” کي سمجهڻ  ۾ مدد ضرور ڪندو.

 ايران-آمريڪا لاڳاپن جو خاتمو:

ايران ۽ آمريڪا 1980ع جي ڏهاڪي کان وٺي پنهنجن لاڳاپن ۾  لاھين چاڙهين مان گذريا آهن  پر انهن جا لاڳاپا ان وقت وڌيڪ خراب ٿيا جڏهن آمريڪا ڊسمبر 2019ع ۾ عراق ۾ آمريڪي دفاعي ٺيڪيدارن مان حزب الله  تي راڪيٽ فائر ڪرڻ جو الزام  لڳايو، انهي واقعن جي نتيجي ۾ آمريڪا شام ۽ عراق ۾ هوائي حملن ۽ توبن  سان جواب ڏنو هو ايران سخت ردعمل ظاهر ڪندي عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني جو گهيرو ڪيو هو ۽  3 جنوري 2020ع تي عراق ۾ بغداد جي ايئر پورٽ ڀرسان جنرل قاسم سليماني  تي حملو ڪري کيس ماريو هو هن جي مارجڻ کانپوءِ سندن لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيا هئا. جنرل سليماني ايراني فوج جي هڪ ممتاز شخصيت سمجهيو ويندو رهيو هو ۽ چيو ويندو هو ته هو ايراني عوام جي دلين ۽ ذهنن تي راڄ ڪندو هو. نتيجي طور، سندس قتل کان پوءِ، رد عمل ظاهر  ٿيڻو هو . ايران عراق ۾ واقع آمريڪي فوجي اڏن تي راڪيٽ حملن  سان جوابي ڪارروائي ڪئي هئي جنهن ۾  ڪو  وڏو جاني ۽ مالي نقصان ته نه ٿيو پر  پابندي قائم رکڻ ۾ هن مسئلي  ٻنهي طرفن تي اهم ڪم ڪيو.

21 هين صدي ۾ جنگين جو انداز بدلجي ويو آهي ڪو به ملڪ  پنهنجي دفاع کي روڪڻ ۽ مخالف  کي سبق سيکارڻ کان نٿو مڙي  ۽ نه ئي هو ٻين / غير مستحڪم علائقن ۾ ڊگهي ۽ بيڪار ٻين جي جنگين ۾ زوري پوڻ کان به پاسو نٿو ڪري.

ڏٺو وڃي ته ڪيترن ئي حڪمت عملين ۾ پابندين واريون پاليسيون هميشه آمريڪا جي سڀني پوئين حڪومتن جي دل ۾ رهيون آهن. پابنديون لاڳو ڪرڻ (هڪ عذر يا ٻئي تي) آمريڪي انتظاميه لاءِ مثالي سامان  مان هڪ رهي  آهي. ايستائين جو ڊونالڊ ٽرمپ جي ٽيم پڻ پابندي واري حڪمت عملي تي ڀروسو ڪري رهي هئي ۽ جيو بائڊن به انهي کان بچي ناهي سگهيو ڇاڪاڻ ته انهن کي يقين آهي ته اهي ٽارگيٽ ملڪ کي انهن جي شرطن ۽ پنهنجي مفادن  تي آڻڻ لاءِ بهترين رانديڪو  ٿي سگهن ٿا. هينئر تائين، انهن ايران جي خلاف سخت نوعيت جون پابنديون لاڳو ڪيون آهن. اهي پابنديون يا ته فردن يا حڪومتن يا انهن جي برآمدات ۽ درآمدات، سان گڏ خطي ۾ تهران جي بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ تي لڳل  نظر اچي رهيون آهن. سياست جي شاگرد طور اسان کي محسوس اهو ٿئي ٿو ته  آمريڪا مسلسل ايران کي  ڌڪ جي مٿان ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي .

ايران تي پابنديون، يا ته اقتصادي يا سياسي محرڪ طور  سمجهيون وڃن ٿيون هي هڪ اهم ذريعو آهي جنهن سان حڪومتون دعويٰ ڪن ٿيون ته اهي فائدو حاصل ڪن ٿيون.

تجزيه نگارن جو مشاهدو ۽ چوڻ آهي ته بائڊن جي پاليسي غير يقيني، گهٽ مربوط ۽ غير متوقع نظر اچي ٿي. خدشو آهي ته سندس روش خطي ۾ ايران سان جنگ جو سبب نه بڻجي پوي، ۽ اهڙي صورتحال هڪ اهڙي وقت ۾ خوفناڪ ۽ تباهه ڪندڙ ٿي سگهي ٿي جڏهن آمريڪي انتظاميه شام ۽ ٻين وچ ايشيا جي عرب ملڪن مان پنهنجا مقصد ماڻي وري نڪرڻ تي غور ڪندي هجي. في الحال، ايران جي خلاف خطي ۾“وڌ کان وڌ دٻاءَ”واري حڪمت عملي تي عمل جاري آهي. ايئن ڪرڻ سان شايد  آمريڪا ۽ هن جي اتحادين کي اختيارن ۾ واڌ ۽ مخالفن کي خوش ڪرڻ جو سبب به هجي.

ايران تي آمريڪا جي پابندين جو اثر :

1979ع کان 1990ع جي ڏهاڪي تائين آمريڪي پاپنديون وڌي مسلسل ٻين حڪومتن جي هٿن ۾ اهم اسٽريٽجڪ هٿيار طور رهيون آهن هنن سالن دوران ئي آمريڪا جي آشيرواد سان عراق ايران جنگ پئي هلي انهي لاءِ  ايران کي آمريڪا جي شرطن کي مڃڻ  لاءِ مجبور ڪري هن تي  دٻاءُ وجهڻ به هو  ايران تي پابندين جو هڪ مقصد تهران کي دهشتگردي يا ايٽمي نيٽ ورڪ جي اسپانسر يا مدد ڪرڻ کان روڪڻ  به سمجهيو وڃي ٿو .بهرحال اهو ايران جي اختيارن کي محدود ڪري ٿو ته هو پنهنجي ايجنڊا سان جاري رهن يا وچ اوڀر ۾ ڪجهه گروپن جي حمايت ڪن. ان کان علاوه، آمريڪا، گڏيل قومن سان گڏ، ايران کي 2010ع  ۽ 2015ع ۾ پنهنجي ايٽمي پروگرام کي روڪڻ يا واپس آڻڻ لاءِ قائل ڪيو. ان جي ابتڙ، ايران مٿان عائد پاپندين هن کي همٿايو  ۽  دنيا کي آمريڪي مخالفن ۽ اتحادين تي تنقيد جو  موقعو پڻ مليو.

گذريل آمريڪي حڪومتن مان واضح ٿئي ٿو ته ايران خلاف سندن پابندين واري حڪمت عملي جزوي طور تي نه پر مڪمل طور تي تهران جي رويي کي تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اهي پابنديون، حقيقت ۾، ان لحاظ کان متاثر ٿيون ته ايران پنهنجي گهر ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. خطي ۾ ان جا اسٽريٽجڪ مقصد زوال پذير نظر اچن ٿا. مثال طور 2012ع ۽ 2015ع ۾ عالمي برادريءَ جي وڌندڙ دٻاءَ سبب ايراني معيشت زوال پذير ٿي رهي هئي جڏهن ته خام تيل جي برآمد کي 50 سيڪڙو تائين گهٽائي ڇڏيو هو. ساڳئي وقت، ان جي ٻاهرين ملڪن ۾  120 بلين ڊالرز جي اثاثن تائين رسائي گهٽائي ڇڏي هئي. ان ڪري، ايران  جزوي طور تي گڏيل جامع پلان آف ايڪشن تي اتفاق ڪيو هو ۽ آمريڪي پابندين جي معافي جي ڪري، ڪجهه ايگزيڪيوٽو آرڊر رد ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ تهران تي گڏيل قومن ۽ يورپي يونين جي پابنديون کي هٽايو ويو. اهڙي طرح ايران پنهنجي تيل جي برآمد کي وڌائي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي جاري ڪري، پنهنجي پرڏيهي ذخيري تائين رسائي حاصل ڪري ٿي  سگهيو. انهن قدمن جي ڪري گهڻي حد تائين  ايران جي اقتصادي ترقي 2016ع ۽ 2017ع  ۾ 7 سيڪڙو تائين وڌي هئي.

نتيجو:

ايران تي پابندين بابت نقادن جو چوڻ آهي ته آمريڪا  علائقائي ۽ عالمي سطح تي  وڏي پئماني تي ڪرنسي ۽ تيل جي قيمتن  کي وڌائڻ جي چڪر ۾ رهيو آهي. جيئن مٿي ذڪر  ڪري آيا  آهيون ، آمريڪا طرفان 2019ع تائين دنيا ۾ سون  کان به وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. تهران جي خلاف موجوده “وڌ کان وڌ دٻاءُ”  هاڻي لاتعداد ثابت ٿي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ تڪرار جا امڪان به آهن. تڪرار متحرڪ ۽ مختلف ٿي سگهي ٿو جيئن آمريڪا دنيا جي چوڌاري  پنهنجي مفادن کي تمام گهڻو وڌائي رهيو  آهي. ايئن ئي هو  ايران سميت ڪنهن به ملڪ کي آمريڪي شرطن ۽ مفادن تي آڻڻ لاءِ پابندي جو هٿيار پرڏيهي پاليسيءَ  طور استعمال ڪندو انهي جي ڪري خطي ۾ آمريڪا پنهنجا  اتحادي ۽ دوست ملڪ  به ناراض ڪري سگهي ٿو. هتي، پابندين جي تضاد کي فائدي ۽ نقصان جي لحاظ کان سمجهڻ جي ضرورت آهي. آمريڪي اتحاد ۽ ان جي پابندين واري پاليسي تڏهن اثرائتو ڪردار ادا ڪندي جڏهن نشانو بڻيل ملڪ تي پابنديون لاڳو ڪرڻ سان ان جي اتحادي ساٿين کي ڪو به نقصان نه ٿئي. هن تضاد ۾، هڪ ملڪ، جيڪو پابنديون لاڳو ڪري ٿو، انهي کي ڪو به نقصان نه آهي. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن اتحادي پارٽين لاءِ نفعو نقصان ٿئي ٿو ته پوءِ امڪان آهي ته پابنديون اثرائتيون نه ٿي سگهن.

هن وقت آمريڪا جي سڀ کان وڌيڪ پسنديده پرڏيهي پاليسي حڪمت عملي، ڏهاڪن تائين، پابنديون لاڳو ڪرڻ ئي آهي. اها پاليسي انهن جي نقصان جو نتيجو ناهي. اهي ان کي هڪ مؤثر ۽ خطري کان آزاد هٿيار  سمجهن ٿا. اهي گهٽ ۾ گهٽ قيمتن سان وڌيڪ رعايتون حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن اهو احساس آهي ته (آمريڪي اتحادين يا اتحادي ڀائيوارن جهڙوڪ EU جي وچ ۾) ته ايران تي پابنديون لاڳو ڪرڻ سان اتحادي ڀائيوارن کي وڌيڪ نقصان ٿيندو، اهي پابنديون غير موثر ٿي سگهن ٿيون. هن غير مساوي طاقتور ڀائيواري ۾، ٽارگيٽ ملڪ مضبوط ٿي ويندا ۽ انهن کي پنهنجي مفادن جي بحالي، ۽ پنهنجي بقا کي ترجيح ڏيڻ جو وقت ملندو. اهڙي بگڙيل صورتحال ۾ اهڙي تڪرار کي روڪي نه ٿو سگهجي، جنهن لاءِ واشنگٽن تهران خلاف فوجي آپشن استعمال ڪرڻ کان انڪاري ٿئي. هڪ ملين ڊالر جو سوال اهو رهي ٿو ته آمريڪا خطي۾  ايران سان لاڳاپن ۾  ڪيترو سچو ۽ مخلص آهي؟ ۽ مستقبل ۾ تيل ۽ ڊالر جي اڏام  کي ڪيترو استعمال ڪري سگهي ٿو.

(نوٽ هڪ ليکڪ پوليٽيڪل سائنس جي شعبي سنڌ يونورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ هڪ هن شعبي جو اسڪالر)

[email protected]