اسرائيل وري وچ اوڀر کي تبديل ڪرڻ واري جارحاڻي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جيئن ايران جي “مزاحمتي بلاڪ” کي ختم ڪري خطي ۾ واحد مزاحمت جو باب بند ڪيو وڃي. اسرائيل گذريل ٻن سالن کان آمريڪا ۽ ان جي يورپي ۽ عرب اتحادي ملڪن جي مدد سان پوري عرب خطي تي سياسي ۽ فوجي لحاظ کان قبضو ڪندو رهيو آهي. حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ جنهن وحشتناڪ انداز ۾ ڪارروائيون ڪيون ويون آهن، ان تي پوري عالمي برادري صرف ڪاغذي بيانن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو. ايران پهرين پوري عرب خطي ۾ پنهنجي فوجي ۽ پراڪسي سگهه جي ڪري اسرائيل لاءِ خطرو هو پر آمريڪا جي آشيرواد سان هنن هاڻ پوري عرب ملڪن کي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. سعودي عرب، قطر، عرب امارتون، لبيا، عراق، ڪويت، ۽ اردن تي انهن جو قبضو اڳ ئي هو پر بعد ۾ هنن ايران کي سوگهو ڪري پهرين فلسطين ۾ حماس، لبنان ۾ حزب الله، يمن ۾ حوثي، عراقي مليشيا کي ڪمزور ڪيو. انهن جي اهم ڪمانڊرن کي نشانو بڻائي شهيد ڪري انهن جي قيادت کي مفلوج ڪيو. ان بعد شام تي مختلف اسلامي ويڙهاڪن جي مدد سان پهري حافظ الاسد پوءِ ۽ بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو ڪري ان تي به اسرائيل پنهنجو ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، ۽ هاڻ اتان ئي مصر، اردن، لبنان کي ڪنٽرول ڪري ايران کي اڪيلو ڪيو ويو آهي. اسرائيل آمريڪا ۽ يورپي اتحادين جي مدد سان ايران ۾ جاسوسي نيٽ ورڪ ذريعي ايران جي اعلا فوجي ۽ ايٽمي سائنس واري قيادت جو خاتمو آڻي هاڻ ان جي ايٽمي هٿيارن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي.
اسرائيلي دعوا موجب، ايران اسرائيل جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ميزائل حملن کانپوءِ 100 کان وڌيڪ هنڌن تي ڊرون حملا ڪيا آهن، جن کي اسرائيل جي ڊفينس سسٽم ۽ آمريڪا جي اردن، قطر ۽ ٻين خليجي ملڪن ۾ بيٺل جنگي ٻيڙن جي ڊفينس سسٽم مڪمل طور تي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ اسرائيل گذريل رات کان ايران جي شهري علائقن ڀرسان قائم ايٽمي هٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانن ۽ ان جي مٿان وارين بلڊنگن تي ميزائل حملا ڪري ايران جي اهم ايٽمي ۽ فوجي اڳواڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. جن ۾ ميجر جنرل محمد باقري (ايراني مسلح افواج جو چيف آف اسٽاف) ميجر جنرل حسين سلامي (پاسداران انقلاب ڪور جو ڪمانڊر) ميجر جنرل غلام علي رشيد (خاتم الانبياء سينٽرل هيڊڪوارٽر جو ڪمانڊر) ڊاڪٽر فريدون عباسي (ايران جي اٽامڪ انرجي آرگنائيزيشن جو اڳوڻو سربراهه) ڊاڪٽر محمد مهدي تھرائنچي (وڏو جوھري طبعيات جو ماهر ۽ اڪيڊمڪ) شامل آهن. ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد ٿيل فوجي ۽ ايٽمي سائنسدانن جي جاءِ تي نوان عارضي سربراهه مقرر ڪيا آهن، جن ۾ جنرل محمد باقري جي جاءِ تي عبد الرحيم موسوي کي هٿياربند فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو آهي. جنرل حسين سلامي جي جاءِ تي محمد پاڪپور کي نيم فوجي انقلابي گارڊ جو سربراهه ڪيو ويو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، اسرائيلي جيٽ جهازن ايراني شهرن تبريز ۽ شيراز ۾ ڪيترن ئي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. جواب ۾ ايران 100 UAVs ڊرونز سان حملا ڪيا آهن.
اسرائيل جي هوائي فوج جي ترجمان موجب، اسرائيلي جيٽ جهازن پهرين ايران جي هوائي دفاعي نظام تي وڏي پئماني تي حملا ڪري درجن کن ريڊار ٺڪاڻن، زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل لانچرز، جهازن جي اڏام وارن ٺڪاڻن، ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم، کانسواءِ ايٽمي هٿيار تيار ڪندڙ انهن ڪارخانن، جتي يورينيم جو رچاءُ ڪندڙ 500 مشينون هلي رهيون هيون، کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو آهي. هي “آپريشن رائزنگ لائن” جي نالي سان شروع ڪيو ويو هو. جنهن جو مقصد ايران جي پراڪسي ۽ فوجي صلاحيتن کي ڪمزور ڪرڻ آهي. ان سان فوج جو بنيادي ڍانچو ۽ ايٽمي ٺڪاڻا ٻئي ٽارگيٽ ڪري تباهه ڪيا ويا آهن. ان آپريشن ۾ 200 کان وڌيڪ جنگي جهازن حصو ورتو. موساد جي ذريعن موجب، “اسرائيل جو ايران ۾ مقرر جاسوسي نيٽ ورڪ ڪجهه مهينن کان ايران جي فوجي ۽ ايٽمي قيادت جي مڪمل نگراني ڪري رهيو آهي. هو عام فليٽن رهائش اختيار ڪن پيا، جن کي ٽارگيٽ ڪرڻ انتهائي سولو ڪم هو. اسان جا ماڻهو ايراني ميزائل سسٽم جي علائقن ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيا آهن. اسان جن فليٽن، گاڏين ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي نشاندهي ڪئي، ٺيڪ ان جاءِ تي حملا ڪري تباهه ڪيو ويو آهي. موساد ايراني گاڏين تي اسٽرائيڪ سسٽم ۽ جديد ٽيڪنالاجي لڳائي هئي، جئين ايران جي هوائي دفاعي نظام کي ناڪاره ڪري سگهجي. ٽيم مهم ۾ اسان جي ڳجهن ادارن ايران جي گهرائي وارن علائقن ۾ “ڌماڪيدار ڊرونز اڏو” قائم ڪيو. حملي کان اڳ انهن ڊرونز کي چالو ڪيو ويو، جيڪي تهران ڀرسان اسفنج آباد اڏي تي زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل لانچرن ڏانهن فائر ڪيا ويا هئا”. واضح رهي ته، اهڙي ڪارروائي پهرين يوڪرين روس خلاف ڪري چڪو آهي، هاڻ اسرائيل ايران خلاف اهڙي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي آهي.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اسرائيل عراق جي سرحد ڀرسان ايران جي مغربي ملڪ آذربائيجان جي هڪ شهر پيانشهر ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي ايراني شهرن ڏانهن گاڏين ۾ منتقل ڪيو هو، جتان اهي ايراني فوجي مرڪزن تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته ايران جي جاسوسي سسٽم کي ان جي سمڪ ئي ناهي پئي. گڏيل قومن جي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا ڪري تباهه ڪيو آهي ته پوءِ ايٽمي تابڪاري جا اثر ڏسڻ ۾ اچن ها پر اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. پر اسرئيل ايران جي نطنز جي هڪ ايٽمي ڪامپليڪس کي نشانو بڻايو آهي. تهران کان 250 ڪلوميٽر پري هڪ جاءِ تي يورينيم کي تيار ڪندڙ پلانٽ ۽ زير زمين هڪ پلانٽ به لڳل آهي. فرانس. برطانيا، آمريڪا، جرمني ۽ ٻين يورپي ملڪن پنهنجا هنگامي اجلاس طلب ڪيا آهن، جن صورتحال تي غور ڪري امن جي اپيل ڪئي آهي. عالمي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل ڪافي وقت کان آمريڪا ۽ يورپي اتحادين کي اهڙي حملي کان آگاهه ڪيو هو، اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ايران، عراق، اسرائيل، اردن، قطر ۽ ٻين عرب ملڪن مان سفارتڪارن ۽ شهرين کي فورن نڪري اچڻ جو حڪم ڏنو هو. آمريڪي خاص نمائندي سينٽ کي ٻڌايو هو ته ايران سوين ميزائل استعمال ڪري سگهي ٿو، ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال خراب ٿي ويندي. ان سان عرب دنيا لاءِ به خطرا وڌي ويا آهن. ايران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ جي گهر ڪندي چيو آهي ته، “اسان جو جواب ‘لامحدود’ هوندو”. جيتوڻيڪ اسرائيل ايران جي پهرين حملي کي روڪي ورتو آهي پر اهو فزيڪل نه پر جيو پوليٽيڪل ۽ سائيڪالاجي وار آهي. عرب ملڪن پنهنجي هوائي سروسز کي بند ڪري ڇڏيو آهي. عرب ملڪن جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل مائيڪل ايرڪ سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته اسان صدر ٽرمپ کي ٻڌايو آهي ته ايران عرب ملڪن جي سمنڊ ۾ موجود جنگي ٻيڙن تي ميزائل حملا ڪرڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهي. خليج، عمان ۽ هرمز جي ساموندي آبي گذرگاهن تان جهازن کي پنهنجا رستا مٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. بغداد ۾ آمريڪي سفارخاني کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. صدر ٽرمپ طلب ڪيل هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي حڪم ڏنو آهي ته عرب ملڪن ۾ موجود آمريڪي خاندانن کي فورن واپس واشنگٽن گهرايو وڃي. اسان کي خبر پئي ته ايران مهيني اندر ايٽم بم ۽ ٻيا ايٽمي هٿيار تيار ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي. ان ڪري اسان کيس خبردار ڪيو پر اسرائيل اڳ ئي حملو ڪري ڇڏيو، هاڻ هو عراق ۽ ڪويت ۾ جتي سندس پراڪسي اڃان به موجود آهي، اتان اسان تي حملا ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ اوهان سڀ ضروري قدم کڻڻ شروع ڪيا ۽ اتحادي عرب ملڪن جي به سنڀال ڪئي، ڇو جو اسان جا اتحادي هجڻ ڪري ايران انهن کي به نشانو بڻائي سگهي ٿو.
جنگين ۾ جاسوسي نظام جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران هن وقت انتهائي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي پاڻ پريشان آهي ته اسرائيل هاڻ عام نه پر انهن جي مڪمل قيادت کي ڪاميابي سان ختم ڪري رهيو آهي. ان سان ايران جي ڪمزور جاسوسي نظام ڏانهن آڱريون کڄي رهيون آهن. حڪومت ڪمزور آهي. پيسا ناهن، فوجي، سياسي ۽ ايٽمي قيادت هاڻ مڪمل طور تي غير محفوظ ٿي وئي آهي. هاڻ کان ئي ملڪ ۾ تنقيد ٿي رهي آهي ته سپريم ليڊر نه ملڪ، نه ئي نظام کي ناڪامين مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو، ان لاءِ هاڻ آيت الله علي خامنه اي کي ئي ڪو اهم قدم کڻڻو پوندو. سياسي ۽ دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ته ايران ڪجهه هفتا اڳ اسرائيل جي ايٽمي رازن جا هزارين دستاويز هٿ ڪري ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي هئي ته ان صورتحال ۾ هنن جي اعلى فوجي ۽ سائنسي قيادت سيڪيورٽي جي ٺاهيل خاص بنڪرن بجاءِ عام گهرن ۾ ڪئين رهائش اختيار ڪئي ۽ عام ماڻهن وانگر اچ وڃ ڪيئن پيا ڪن، اهڙيون ڪارروائيون ته عام رواجي ملڪن جا اڳواڻ به ناهن ڪندا، اهو ئي سبب آهي جو حماس، حزب الله ۽ خود ايراني صدر ابراهيم ۽ انهن جي سموري اعلى قيادت ائين اسرائيلي حملن جو شڪار ٿي موت جو کاڄ بڻجي رهي آهي. اهو بحث هاڻ پوري ملڪ ۾ هلي رهيو آهي ته هڪ قيادت پاڻ کي ئي نه ٿي بچائي سگهي ته پوءِ هو ملڪ جي عوام کي ڪئين بچائيندا.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وقت اسرائيل ۽ آمريڪا ايران کي اڪيلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. آمريڪا چين سان مالي معاملا ٺيڪ ڪري انهن کي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري کين ايران کان پري ڪري رهيو آهي. جڏهن ته صدر ٽرمپ جي تازي عرب ملڪن جي دوري جي ڳالهه به هاڻ سمجهه ۾ پئي اچي ته ان جو اصل مقصد ايران کي خطي ۾ اڪيلو ڪرڻ هو. ان ڪري سمورا عرب ملڪ به انهن جي ئي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. روس يوڪرين جي جنگ ۾ ايترو ته سوڙهو ٿي ويو آهي جو ان جي يورپي ملڪن کي ڏنل ڌمڪين جي ڪري پاڻ پريشان آهي. شام ۾ بشار الاسد به ناهي، جيڪو روس ۽ پنهنجي قوت سان ايران جي ڪا مدد ڪري سگهي، ايران جا پراڪسي يونٽ به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ايران لاءِ اڪيلي سر اسرائيل ۽ آمريڪا سان جنگ ڏاڍي ڏکي ثابت ٿي رهي آهي.