ايران ۽ اسرائيل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جهڙو معاهدو ٿيندو، اهو يقيني بڻائيندس: ٽرمپ

0
23
ايران ۽ اسرائيل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جهڙو معاهدو ٿيندو، اهو يقيني بڻائيندس: ٽرمپ
ايران ۽ اسرائيل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جهڙو معاهدو ٿيندو، اهو يقيني بڻائيندس: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل کي معاهدو ڪرڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن ۾ جلد امن ٿيندو. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ فون ڪالز ٿي رهيون آهن، ايران ۽ اسرائيل معاهدو ڪندا. هن چيو ته اهو اهڙو ئي معاهدو هوندو، جيڪو مان ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪرايو، مان گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان پر مون کي ڪنهن شئي جو ڪريڊٽ ناهي ملندو پر ڪا ڳالهه ناهي، عوام سڀ سمجهي ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا تي حملو ڪيو ويو ته ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين، روس جي صدر پيوٽن جي ٽياڪڙي واري آڇ قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، اسرائيل جي ايران تي حملي جو حوالو ڏيندي ٽرمپ چيو ته ان ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار ناهي، جيڪڏهن ايران اسان تي ڪنهن به قسم جو حملو ڪيو ته آمريڪي فوج ڀرپور طاقت سان اهڙو حملو ڪندي، جيڪو اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺو ويو.هن وڌيڪ چيو ته اسان ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ آساني سان ڊيل ڪرائي سگهون ٿا ۽ ان تڪرار کي ختم ڪري سگهون ٿا.