غزه(م ڊ) اسلامي تعاون تنظيم جي هنگامي اجلاس دوران ايران خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي 2 رياستي منصوبي کي ان مسئلي جو حل نٿا سمجهون. اسان جي خيال ۾ والايل علائقن اندر ۽ ٻاهر سمورين فلسطينين جي شرڪت سان گڏ ريفرينڊم ذريعي قائم ٿيندڙ جمهوري رياست ئي ان مسئلي جو واحد مضبوط حل آهي. اسين قرارداد جي متن ۾ ان حوالي سان 2 رياستي حل يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن به طريقيڪار کي پاڻ کان ڌار سمجهون ٿا. ايراني پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلسطيني عوام دنيا جي ٻين امن پسند ماڻهن جيان پنهنجي حق خوداراديت جو حق رکن ٿا. صيهوني قابض فوج جي وحشياڻن قدمن کي ڏسندي فلسطينين جي ان حق کي محدود نٿو ڪري سگهجي، فلسطينين جي حمايت عالمي قانون تحت اسان جو گڏيل فرض آهي، قرارداد جي پيراگراف 5 ۾ اسان هڪ جامع نقطه نظر اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيون ٿا جيڪي سمورن فلسطينين جي مفادن ۽ خدشن کي نظر ۾ رکن، اسان فلسطيني قومي اتحاد جي هر ان نظريي جي حمايت ڪريون ٿا جنهن تي فلسطيني عوام متفق هجي. هن وڌيڪ چيو ته پيراگراف 22 ۾ ايران جي نظر ۾ فلسطيني عوام جي تحفظ جو بهترين طريقو اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف پنهنجي جارحيت ۽ ڏوهن کي جاري رکڻ کان روڪڻ آهي.