ايران کي جنگ طرف ڌڪڻ جي اسرائيلي سازش

0
23
ايران کي جنگ طرف ڌڪڻ جي اسرائيلي سازش

 وچ اوڀر يا مڊل ايسٽ جو خطو توانائي جو پاور هائوس سڏيو وڃي ٿو. دنيا کي تيل ۽ گيس فراهم ڪندڙ ملڪ هن خطي جو حصو آهن. اهو ئي سبب آهي جو هي خطو سدائين ڇڪتاڻ هيٺ رهيو آهي. سرمائيداري ۾ مفادن جي جنگ هوندي آهي. چٽاڀيٽي هوندي ۽ مقابلو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته مڊل ايسٽ جي وسيلن ۽ هن خطي جي جيو اسٽريٽجڪ لوڪيشن سبب اهو سامراجي طاقتن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. تازو ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي حلف برداري تقريب ۾ جتي دنيا جي ملڪن جا سربراهه ۽ ايران جي پراڪسيز طور مشھور گروپن جا چيف شريڪ ٿيا. ان ۾ فلسطين جي ويڙهاڪ فورس حماس جو چيف اسماعيل هانيه پڻ شريڪ ٿيو. اسماعيل هانيه کي تقريب کانپوءِ ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ سندس رهائشگاھ تي ٽارگيٽ ڪري ماريو ويو. ان کانپوءِ ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر حزب ﷲ جي ڪمانڊر فواد شڪر کي پڻ نشانو بڻايو ويو. اسرائيل اسماعيل ھانيه جي قتل جي ته ذميواري قبول ناهي ڪئي پر هن حزب ﷲ ڪمانڊر جي موت جي ذميواري قبولي آهي. هن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ کان اڳ اچو ته ان کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ٿيل هڪ واقعي کي ڏسون.

اسماعيل ھانيه ۽ فواد شڪر جي قتل کان اڳ مجدل الشمس تي هڪ حملو ٿيو. مجدل  الشمس شام جي گولان هائيٽس تي هڪ وڏو علائقو آهي. هي علائقو هرمن جبل جي ڏاکڻي حصي تي واقع آهي. هن وقت ان علائقي تي اسرائيل جو قبضو آهي. هي علائقو سمنڊ جي سطح کان تقريبن 1200 ميٽر مٿي آهي. اسرائيل 1976ع ۾ گولان هائيٽس تي قبضو ڄمايو. 1967ع کان 1982ع تائين هي علائقو اسرائيلي فوج جي سڌي قبضي هيٺ رهيو ۽ 1982ع کان هن وقت تائين ان علائقي مٿان اسرائيلي سويلين حڪومت قابض آهي. هن علائقي مان اسرائيلي قبضي سبب اندازن 5 لک شامين کي در بدر ڪيو ويو هو. تازو ان علائقي تي هڪ ميزائل حملي ۾ 12 ڄڻا، جنھن ۾ ٻار پڻ شامل آهن، اجل جو شڪار ٿيا. اڃان اهو واقعو عالمي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل ئي هو، جو تهران مان حماس چيف اسماعيل ھانيه ۽ بيروت مان حزب ﷲ ڪمانڊر جي موت جون خبرون آيون. حماس چيف جو قتل ايران لاءِ وڏو جهٽڪو آهي، جو اهو سفارتي طور تي ايران جي ملڪي سالميت ۽ احترام لاءِ وڏو خطرو آهي. ايراني صدر جي حلف برداري تقريب ۾ آيل ايران جي مهمان کي ايران جي ئي سرزمين تي مارڻ وڏو معاملو آهي. هن کانپوءِ ايران جي سپريم ليڊر آيت ﷲ علي خامنه اي چيو ته اسان پنهنجي پياري مهمان جي خون جو بدلو وٺنداسين. ھوڏانھن حزب ﷲ پڻ پنھنجي تيارين ۾ آهي. ان ئي سلسلي ۾ هڪ ميڊيا اداري Axios ۾ هڪ خبر شروعاتي طور تي ڇپي، جنھن کانپوءِ اها هن وقت تائين مختلف اخبارن ۾ اچي چڪي آهي. ان خبر موجب آمريڪي پرڏيهي وزير G-7 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان رابطي ۾ اچي کين ٻڌايو آهي ته ايران ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ اسرائيل مٿان حملو ڪري سگھي ٿو. خبر ۾ چيو ويو آهي ته اپريل حملي جيان، جنھن ۾ ايران اسرائيل مٿان 350 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا، جيڪي اسرائيل آمريڪا، برطانيا وغيره جي مدد سان ناڪام بڻايا هئا، تيئن هن دفعي به حملو ٿي سگهي ٿو. خبر ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هن دفعي به ايران حزب ﷲ سان رابطي ۾ آهي ۽ ٻئي اسرائيل مٿان حملي جي تيارين ۾ آهن. هن خبر مان معلوم ٿئي ٿو ته ايران جو جيڪو به جواب هوندو، اهو ڪو گهڻو وڏو نه هوندو ۽ آمريڪا وسيلي Back door diplomacy ذريعي معاملي کي ٿڌو ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ايران حملو ڪرڻ وڃي پيو، اها خبر آمريڪي پرڏيهي وزير کي ڪيئن پئي؟ ان جو سادو جواب هڪ اهو ٿي سگھي ٿو ته ممڪن آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سرڪاري سطح تي ڪي ڳجھا لاڳاپا هجن يا وري آمريڪي انٽيليجنس ان پٺيان ڪم ڪندي هجي جو اسماعيل هانيه جي قتل ۾ جاسوسي واري پاسي کي وڌيڪ اهميت ڏئي اڳيان آندو آهي، جو چيو پيو وڃي ته ممڪن آهي ته اسرائيل جي جاسوسن ايران جي انٽيليجنس ۾ موجود پنهنجي اثاثن جي مدد سان اهو سڀ ڪيو هجي. پر بهرحال هر دفعي جيان آمريڪا اسرائيل جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ آهي. آمريڪا وڏا جنگي جهاز وچ اوڀر پاسي پهچائي ڇڏيا آهن ۽ هو ان جو تحفظ ڪندو، جو آمريڪي پرڏيهي وزير G-7 ملڪن جي نمائندن کي گهرائي ان پريشاني جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڳالهه ممڪن آهي ته درست هجي، ڇاڪاڻ ته اپريل ۾ به جڏهن ايران اسرائيل مٿان ميزائل فائر ڪيا، تڏهن به اها خبر ٻه ڏينھن اڳ نيو يارڪ ٽائيمز ۾ ڇپجي چڪي هئي ۽ هن دفعي به آمريڪي پرڏيهي وزير وسيلي اها ڳالهه سامهون آئي آهي. ان ڪري ايران جو جيڪو به جواب هوندو، اهو هن دفعي به ايران پنهنجي face saving خاطر جوابي ڪارروائي ڪندو ۽ بعد ۾ معاملي کي لئي مٽي ڪيو ويندو. جنھن ۾ بيڪ ڊور چينل وسيلي آمريڪا هوندو. هتي هڪ ڳالهه واضح رهي ته ايران پنهنجي face saving لاءِ ڪارروائي هڪ وڏي حڪمت عملي تحت ڪري ٿو. اهو ان ڪري ته اسرائيل ايران کي هروڀرو به جنگ ۾ آڻڻ گهري ٿو ته جيئن في الحال ايران جو محور قوت گڏ ڪرڻ بدران اسرائيل سان ويڙهه ۾ هجي. هتي اهم ڳالهه نوٽ ڪرڻ گهرجي ته حماس سربراه وڏو عرصو ترڪي ۾ رهيو، جنھن کانپوءِ هو قطر ۾ رهائش پذير هو پر اسرائيل هن کي اتي نشانو نه بڻايو پر ايران ۾ مٿس حملو ڪري ايران کي سڌي ريت جنگ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايران وڏي مهارت ۽ سمجهه سان هن وقت تائين اسرائيل سان منھن ڏيندو اچي پيو. هو گهڻي ڀاڱي حوثين، حزب ﷲ، حماس ۽ ٻين پنھنجي  پراڪسيز وسيلي اسرائيل کي جواب ڏئي رهيو آهي. هن سموري پسمنظر ۽ ماضي جي رڪارڊ مان لڳي ٿو ته مڊل ايسٽ جي اها ڇڪتاڻ اڃان به هلڻي آهي، ڇاڪاڻ ته سرمائيدارن جو سڀ ڪجھ مفاد ۽ پيسو آهي. هو پنھنجي مفادن خاطر دنيا جو امن درهم برهم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندا.