تهران(م ڊ) ايراني خابرو اداري تسنيم نيوز موجب ايران اسرائيل تي حملي لاءِ 2000 ڪلوميٽر ۽ ان کان به وڌيڪ مفاصلي تائين مار ڪندڙ ” سجيل ٽو“ميزائل استعمال ڪيو آهي. عسڪري تجزيي نگار ڊورون ڪدوش هڪ سيڪيورٽي ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايراني سجيل ميزائل، جيڪو اسرائيلي علائقي ڊين بلاڪ کي نشانو بڻايو، پنهنجي وزن ۽ پي لوڊ يعني ان ۾ موجود ڌماڪيدار مواد جي مقدار جي لحاظ کان غيرمعمولي نوعيت جو هو ۽ اهو عام ميزائلن جي ڀيٽ ۾ وڏو ميزائل هو.