جنيوا(م ڊ) ايران سان يورپي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ۾ آمريڪا سان ڳالهين لاءِ زور ڀريو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب جنيوا ۾ برطانيا، فرانس ۽ جرمني جي پرڏيهي وزيرن جي ايراني هم منصب سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي اسرائيل ايران جنگ بندي تي ڳالهيون ڪيون ويون، يورپي وفد ايران تي زور ڀريو ته هو آمريڪا سان ڳالهين ۾ شامل ٿئي، بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جرمن پرڏيهي وزير چيو ته ايران سمورن معاملن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي پر چاهيون ٿا ته ايران آمريڪا سان ڳالهين ۾ شامل ٿي وڃي،