ايران سان ايندڙ هفتي ڳالهيون، معاهدو ممڪن، جنگ ڪندي ٻئي ملڪ ٿڪجي پيا هئا، آخر ۾ تهران اسرائيل کي ڏاڍو ڪُٽيو: ٽرمپ

0
24
ايران سان ايندڙ هفتي ڳالهيون، معاهدو ممڪن، جنگ ڪندي ٻئي ملڪ ٿڪجي پيا هئا، آخر ۾ تهران اسرائيل کي ڏاڍو ڪُٽيو: ٽرمپ
ايران سان ايندڙ هفتي ڳالهيون، معاهدو ممڪن، جنگ ڪندي ٻئي ملڪ ٿڪجي پيا هئا، آخر ۾ تهران اسرائيل کي ڏاڍو ڪُٽيو: ٽرمپ

دي هيگ/واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ايندڙ هفتي ايران سان ڳالهين جو اعلان ڪري ڇڏيو، معاهدي ۽ پابنديون ختم ٿيڻ جو به اشارو ڏيندي صدر  ٽرمپ چيو ته ايندڙ هفتي ايران سان ڳالهيون ڪنداسين، شايد ڪو معاهدو به ٿي وڃي، پر مون لاءِ معاهدو ضروري ناهي، ايرانين جنگ وڙهي ۽ واپس پنهنجي دنيا ۾ وڃي رهيا آهن، معاهدو ٿئي يا نه مون تي فرق نٿو پوي، آمريڪا ايران تي پابنديون ختم ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، ايران تان پابنديون ختم ڪرڻ بابت سوال تي ٽرمپ چيو ته ايران تازو جنگ وڙهي ۽ بهادري سان وڙهي آهي، ايران کي پنهنجي معيشت سنڀالڻ لاءِ پئسي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هو تيل وڪرو ڪرڻ گهرن ٿا ته ڀلي وڪڻن، چين چاهي ته ايران کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو، دِي هيگ ۾ نيٽو اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران کي نيوڪليئر هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيو آهي، ايراني جوهري ٺڪاڻن تي آمريڪي حملا ڪامياب رهيا، ايراني جوهري ٺڪاڻا هاڻي فعال نه رهيا آهن، عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي به مڃيو آهي ته ايران جي جوهري ٺڪاڻن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ايران خلاف دٻاءُ جي پاليسي جاري رکي ويندي، صدر ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنگ جي آخري ڏينهن ۾ ايران اسرائيل کي وڏي مار ڏني،   ايران جي بئليسٽڪ ميزائلن اسرائيل ۾ ڪافي تباهي آندي، ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون، 12 ڏينهن جي جنگ دوران ايران تل ابيب، بيت يام ۽ حيفه سوڌو ڪيترن ئي اسرائيلي شهرن کي نشانو بڻايو، بئليسٽڪ ميزائلن سان گهڻي تباهي تل ابيب ۽ بيت يام ۾ نظر آئي، ايران پاران والاريل فلسطيني علائقن ۾ غيرقانوني طور آباد يهودي وسندين تي به ميزائل فائر ڪيا ويا، امن لاءِ اسان کان جيڪو پڄي سگهيو اهو ڪيوسين، آمريڪي حملي سبب ايران – اسرائيل جنگبندي ممڪن ٿي، مون کي نٿو لڳي ته ايران – اسرائيل ۾ ٻيهر جنگ ٿيندي. هن چيو ته آمريڪا ايندڙ هفتي ايران سان ڳالهيون ڪندو ۽ تهران جي جوهري پروگرام تي امڪاني معاهدو غور هيٺ آهي، مان نٿو ڄاڻان پر شايد اهو ڪو معاهدو ڪري وٺون. ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اسان ايران جو نيوڪليئر پروگرام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جوهري مرڪز مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري مون کي هاڻ ان حوالي سان ڪا خاص ڳڻتي ناهي. سندس چوڻ هو ته مان جلد روس ۽ يوڪرين جو تڪرار به حل ڪرائينداسين، پيوٽن سان جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهائيندس، توڙي جو اها جنگ روڪرائڻ ڏکيو ڪم آهي