ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپورماٿيلو واسي 2 نوجوان ايران جي شهر تهران مان مبينا اغوا، وارثن کان 10 هزار ڊالر ڀنگ طلب، خبر موجب شهر جا غريب آباد واسي 2 ماسات نوجوان ڪجهه مهينا اڳ زيارتن لاءِ ايران ويل هئا، نوجوانن جي وارثن اسلم ملڪ ۽ وقار ملڪ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٻئي نوجوان زيارتن لاءِ ايران ويا جتي ڪنهن فيڪٽري ۾ روزگار ڪري رهيا هئا، گذريل ڏهاڙي اسان جي ٻنهي نوجوانن سجاد ملڪ ۽ ثناءُ الله ملڪ کي ايران جي شهر تهران مان اغوا ڪيو ويو آهي، هنن ٻڌايو ته ٻنهي نوجوان جي آزادي لاءِ اغوا ڪار 10 هزار ڊالر گهري رهيا آهن، نوجوانن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته پهريان اغوا ٿيل نوجوان جي واٽس اپ تان اغوا ڪارن پئسن جي گهر ڪئي، هاڻي افغانستان جو نمبر استعمال ٿي رهيو آهي، وارثن چيو ته انتهائي مسڪين آهيون وفاقي حڪومت ٻنهي نوجوانن جي آزادي لاءِ قدم کڻي.