”ايران زمينِ شير دلان است ھنوز“

0
36
”ايران زمينِ شير دلان است ھنوز“

 نيٺ اھا جنگ شروع ٿي چڪي آھي، جنھن جو ڪجھ دلين ۽ دماغن کي انديشو ۽ ڪجھ کي انتظار ھو!!  انقلابِ ايران کان پوءِ ان جنگ جا امڪان وجود ۾ اچي چڪا ھئا. 1979 جي ٻين مھيني يعني 11 فيبروريءَ تي آيل انقلاب کي ھن مھل تائين 46 سال گذري چڪا آھن. ساڍن چئن ڏھاڪن کان سرس وقت تائين اسرائيل ايران کي جنگ جون ڌمڪيون ڏيندو رھيو آھي ۽ ايران تاريخي جواب ڏيڻ جو موقف ورجائيندو رھيو آھي. گذريل ڏينھن اھا زباني جنگ ان وقت پنھنجي انت تي پھتي، جڏھن خطرناڪ ميزائلن سان لوڊ ٿيل اسرائيل جا ٻه سئو جنگي جھاز تل ابيب ۽ ٻين فوجي اڏن تان اڏامي ايران مٿان موت جو مينھن وسائڻ لڳا.

                 ايران مٿان اسرائيل جو ‘تابڙتوڙ’ حملو ٿيڻ بعد اسان جي ملڪ جا ڪجھ اينڪر ۽ ڪجھ يوٽوبر اسرائيل جي روايتي مذمت ڪرڻ بعد ايران مٿان تنقيد ڪري رھيا آھن. انھن جو خيال آھي ته جيڪڏھن ايران ۾ اسرائيل سان وڙھڻ جي جنگي صلاحيت نه ھئي ته ھن اسرائيل سان کوئنس ڇو ٿي ڪئي؟ سوشل ميڊيا واري دور جي جديد جرنلسٽن جو خيال آھي ته ھيءَ جنگ ايران پنھنجو پاڻ مٿان مڙھي آھي؟ ھو صاف لفظن ۾ نه ٿا چون پر انھن جو مقصد اھو آھي ته جيڪڏھن ايران فلسطين جي حمايت نه ڪري ھا! جيڪڏھن ايران حزب اللھ جو مددگار نه بڻجي ھا! جيڪڏھن ايران حماس جو حامي ۽ دوست نه ھجي يا شام ۾ بشار الاسد جو ساٿ نه ڏئي ھا يا ھو يمن ۾ حوثين جي عملي حمايت نه ڪري ھا ته ھن کي اھي ڏينھن نه ڏسڻا پون ھا ۽ ھن مٿان ميزائلن جا مينھن نه وسن ھا!!

بااصول ۽ بزدل ھجڻ واري وچ واري لڪير تاريخ ۾ ڪڏھن به ايتري مبھم نه ھئي، جيتري ھاڻي ٿي وئي آھي. جيڪڏھن ايران ۽ اسرائيل جي وچ واري ڇڪتاڻ جو تاريخي تجزيو ڪبو ته اھو معاملو ڪنھن به مونجھاري کان سواءِ سولائيءَ سان سمجھ ۾ اچي ويندو ته ايران ڪڏھن به وچ اوڀر جي سان کي پاڻ مارڻ جي دعوت نه ڏني ھئي پر اھا الڳ ڳالھ آھي ته ھن اسرائيل جي داداگيري ۽ دھشتگرديءَ آڏو پنھنجو ڪنڌ ائين نه جھڪايو، جيئن انھن ملڪن جن جي مٿان حڪومت ته مسلمان حڪمرانن جي آھي پر انھن اسرائيل جي حڪومت کي نه رڳو تسليم ڪيو آھي پر انھن جا اسرائيل سان واپاري ناتا رشتا به آھن. ڪجھ ملڪن مٿان ته اسرائيل جي دفاعي مددگار ھجڻ جا الزام به آھن.

ايران به جيڪڏھن اسرائيل کي سڌي يا اڻ سڌي طرح سان تسليم ڪري ھا ته اھا جنگ ڪڏھن به جنم وٺي نه سگھي ھا، جنھن جنگ کي اسرائيل وڏي وقت کان وٺي پاليو ۽ تاتيو آھي. ھونءَ به ھيءَ ڪا اوچتو ڇڙي پيل جنگ ناھي. ان جنگ جي تياري اسرائيل گھڻي وقت کان وٺي ڪري رھيو ھو. ھن کي شام ۾ بشر حڪومت جي خاتمي جو انتظار ھو. ھن کي لبنان ۾ حزب اللھ جي قيادت ۽ غزا ۾ حماس جي طاقت ختم ڪرڻي ھئي ۽ پوءِ ايران مٿان حملو ڪرڻو ھو. ممڪن آھي ته اسرائيل اڃا ڪجھ وقت انتظار ڪري ھا پر آمريڪا ۾ ٽرمپ حڪومت اچڻ بعد نيتن ياھوءَ کي اھو خوف به وڪوڙي ويو ته ڪٿي ٽرمپ ايران سان محدود ئي سھي پر ايٽمي پروگرام جاري رکڻ وارو معاھدو نه ڪري وٺي!! انھن سمورن امڪانن ۽ انديشن جي پسمنظر ۾ ڏسبو ته اھو خيال مڪمل طور تي خام محسوس ٿيندو ته ايران پاڻ مٿان اسرائيلي جنگ مڙھي آھي؟ ڇو ته اھا جنگ ان مھل به جاري ھئي، جڏھن اسرائيل جو بدنام جاسوس ادارو “موساد” ڪڏھن پنھنجا ايجنٽ استعمال ڪري ته ڪڏھن پاڻ ايران جي سرحد اڪري ايران جي ايٽمي سائنسدانن مٿان حملا ڪندو رھيو آھي. اھا جنگ ان وقت به جاري ھئي، جڏھن اسرائيل حزب اللھ جي سربراھ سيد حسن نصراللھ کي شھيد ڪيو. اھا جنگ ان مھل به ھلي رھي ھئي، جڏھن ايران جو صدر ابراھيم ايران ۽ آذربائيجان جي سرحد ويجھو پراسرار طرح سان ھيلي ڪاپٽر جي حادثي جو شڪار ٿيو ۽ اھا جنگ ان مھل ته بنھ بدمعاشيءَ جي صورت اختيار ڪري وئي ھئي، جڏھن ايران جي نئين صدر جي حلف برداريءَ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيل حماس جو سربراھ اسماعيل ھانيا ايران جي ميزبانيءَ ۾ قتل ڪيو ويو. جڏھن ته شام ۽ عراق جي حدن ۾ ايران جي شھيد ٿيل ڪمانڊرن جي لسٽ تمام طويل آھي. ان حوالي سان اھو سوال ته پيدا ئي نه ٿيڻ گھرجي ته اسرائيل جو ايران مٿان حملو جو ڏوھاري ايران آھي. حقيقت اھا آھي ته ايران مخصوص حالتن سبب اسرائيل جي ارھ زورائين ۽ وحشي ڪارروائين کي برداشت ڪيو آھي. جڏھن اھو ثابت ٿي ويو ته اسرائيل ايران مٿان حملو پنھنجي مرضي سان، مخصوص مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل منصوبابنديءَ سان ڪيو آھي ته پوءِ ان بعد اھوئي سوال ڪر کڻي ٿو ته ان جنگ جو منطقي انجام ڪھڙو نڪرندو؟

ڇا ھيءَ جنگ ايران کي جھوري ۽ جھڪائي ڇڏيندي؟ ڇا ھن جنگ جي باھ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن کي پنھنجي دائري ۾ داخل ڪندي؟ ايران ۽ اسرائيل جنگ جي حوالي سان عام طور تي ان امڪان جو اظھار ڪيو ويندو ھو ته اھا جنگ پوري خطي ۾ خلم مچائڻ جو سبب بڻجندي پر حقيقت ان جي حق ۾ دليل پيش ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھي. جيتوڻيڪ وچ اوڀر جو علائقو تيل جي ذخيرن سان مالامال آھي پر ھن جنگ جي باھ جو عرب سرزمين يا مسلمان ملڪن ۾ ڦھلاءُ ممڪن محسوس نه ٿو ٿئي. ان جو سبب ھڪ ته ايران جي اڪيلائي آھي. ايران مخصوص سفارتي پاليسين سبب تنھا رھيو آھي. سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ته وڏي وڇوٽي رھي آھي پر ايران جو شام کان سواءِ ٻين عرب ملڪن سان دوستيءَ وارو تعلق نه رھيو آھي. شام سان ايران جو ساٿ به ايستائين ھو، جيستائين شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت ھئي. جڏھن کان بشار الاسد جي سرڪار ختم ٿي آھي ۽ ھو خاندان سميت روس منتقل ٿيو آھي، تڏھن کان ايران لاءِ شام اجبني ملڪ بڻجي ويو آھي. جڏھن ته صدام واري دور دوران ته ايران ۽ عراق ۾ اٺن سالن واري اھا جنگ رھي آھي، جنھن جي ابتدا 1980 ۾ ۽ انتھا 1988 دوران ٿي ھئي. انقلاب بعد ايران ايترو ويجھو ڪنھن به مسلمان ملڪ سان نه رھيو آھي، جيترو ھو ماسڪو ۽ فرانس سان رھيو آھي. جڏھن ته ايران مسلمان ملڪن ۾ وڪوڙيل رھيو آھي. عراق، ترڪي، آرمينيا، پاڪستان، افغانستان، ترڪمانستان سان ايران جي ايتري سفارتي قربت به ناھي، جيتري آذربائيجان سان رھي آھي.

پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي طور تي ويجھا رشتا رھيا آھن ۽ پاڪستان سرحدي ملڪ ھجڻ سبب ايراني تيل ۽ گيس مان تمام گھڻو فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو پر ايران ۽ پاڪستان جي وچ واري دوريءَ جو سبب ھڪ سعودي عرب ۽ ايران جي وچ واري وڇوٽي آھي ۽ ٻيون ته ايران مٿان آمريڪي پابنديون پاڪستان جي راھ ۾ رڪاوٽ رھيون آھن. جڏھن ته ڀارت ان سلسلي ۾ ڪڏھن ڪا پرواھ نه ڪئي آھي. ڀارت ته روس کان به تيل ۽ ھٿيار خريد ڪندو ھو، جڏھن آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ تعلقات موجودھ دور کان وڌيڪ تلخ ھئا. ايران لاءِ فرانس ۽ روس جي دل ۾ نرم گوشو رھيو آھي پر ھو اسرائيلي جنگ ۾ ايران جي ڌر بڻجي جنگ ۾ ايران جي مددگار قوت بڻجي نه ٿا سگھن. جيتوڻيڪ روس ايران اسرائيل جنگ ۾ ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڏني آھي پر اسرائيل پاران اھڙي آفر قبول ڪرڻ جا امڪان نظر نه ٿا اچن.

اسرائيل ايران جنگ ۾ امن جي آفر ته ان ڊونالڊ ٽرمپ به ڏني آھي، جنھن جي ملڪ مخالف نعرا ايران ۾ اڌ صديءَ کان وٺي گونجندا رھيا آھن. ايران مٿان اسرائيلي حملن کان پوءِ آمريڪا طرف نرم گوشو رکندڙ اينڪرن ۽ يوٽيوبرن جو اھو موقف رھيو آھي ته ايران ھن مھل جيڪي ڏکيا ڏينھن ڏسي رھيو آھي، انھن جو ڪارڻ آمريڪا مخالف پاليسي آھي. ايران ۾ آمريڪا جي مخالفت جو اھو ماضي آھي، جنھن ۾ آمريڪي حڪمرانن پاران ايران مٿان ناجائز دٻاءُ وجھڻ وارا عمل به رھيا آھن. ايران صرف ھڪ ملڪ ناھي. ايران تاريخي تھذيب آھي. ان تھذيب جا تڪبر ۽ انا وارا نه به ته گھٽ ۾ گھٽ قومي خوداريءَ جا ڪجھ اھڙا پھلو ضرور آھن، جن تان ھٿ کڻڻ جو مطلب پنھنجي عزت نفس کي پائمال ڪرڻ آھي. ايران ڪيترائي ڀيرا آمريڪا سان معاملا مناسب طرح نبيرڻ جي ڪوشش به ڪئي آھي. پر آمريڪا پاران آڇيل شرمناڪ شرط قبول ڪرڻ ايران جي وس ۾ نه رھيو آھي ته ان ۾ ايران جو ڪھڙو قصور؟ ھن وقت جڏھن ايران مٿان اسرائيلي حملي جي مشڪل گھڙي آيل آھي ۽ ايران ان مشڪل وقت ۾ ھو تمام گھڻو تنھا آھي. اھڙي اڪيلائيءَ ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ پاران ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ واري عزم جو اعلان اميد جو جھوٽو ته آھي پر ھڪ ته اسرائيل ضدي ۽ بي رحم آھي ۽ ٻيون ته ايران پنھنجي انا کي قربان نه ڪرڻ واري قوم رھيو آھي. اسرائيل جو وزير اعظم نيتن ياھو ايران جي عوام کي پنھنجن حڪمرانن خلاف بغاوت ڪرڻ جي لاءِ ڀڙڪائي رھيو آھي پر ھو وساري ويٺو آھي ته حملن جي صورت ۾ ملڪ جو مخالف عوام به حب الوطنيءَ ھٿان مجبور ٿي انھن حڪمرانن جي حمايت ڪرڻ لڳندو آھي، جن سان کيس پاليسين جي سلسلي ۾ اختلاف ھجن. جنگ جي دوران غيرمقبول حڪمران به وقتي طور تي مضبوط ٿيندي ڏٺا ويا آھن. ايراني عوام ته پنھنجي قومي انا ۽ تھذيبي وقار مٿان وجود قربان ڪرڻ جي حوالي سان مشھور رھيو آھي. دنيا ڀلي تبديل ٿي وئي آھي ۽ انقلاب آڻيندڙ نسل ھن مھل فيصلا ڪرڻ واري عمر جو مالڪ نه آھي پر ايران ۾ ھن وقت به وطن سان محبت ۽ اصولن تان قربان ٿي وڃڻ واري روايت قائم دائم آھي. ايران جو عوام ھڪ عزت ڀريو معاھدو ڪرڻ ۾ گھٽتائي محسوس نه ڪندو پر شرمناڪ شرطن تي امن ايران جي حڪمرانن کي ته ڇا پر عام عوام کي به قبول نه ھوندو ۽ اسرائيل کي به سمجھڻ گھرجي ته ايران ڪا حزب اللھ يا حماس جھڙي تنظيم ناھي، جنھن کي جنگي طاقت سان جھوري ڇڏجي. ايران ھڪ ملڪ آھي ۽ اھو به اھڙو ملڪ جنھن ڏھاڪن کان وٺي آمريڪي پابندين سبب پنھنجن پيرن تي بيھي عزت سان ھلڻ سکي ورتو آھي. جيڪڏھن ايران اسرائيل کي صفحهء ھستيءَ تان ميساري نه ٿو سگھي ته اسرائيل به ايران کي ڪجھ ڏينھن جي جنگ سان مات ڪري نه ٿو سگھي. اسلامي دنيا جي اخلاقي حمايت جنگ ۾ ايران جي جيت جو سبب ڀلي نه بڻجي پر گھٽ ۾ گھٽ غزا جي قتلام کان پوءِ عالمي ضمير ايران کي مقتل جھڙو ملڪ بڻجڻ نه ڏيندو.