واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز چيو آهي ته آمريڪا جو ايران تي حملو ثابت ڪندو ته خطي ۾ چين جي طاقت محدود آهي، ايران خلاف فوجي دٻاءُ وڌايو ويو ته هو ايٽمي هٿيار ٺاهي سگهي ٿو. شايع مضمون ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه جو ڪو به امڪان ناهي ته چين آمريڪا خلاف ايران جي ملٽري لحاظ کان مدد ڪري، چين وڌ کان وڌ ايران کي دفاعي سامان فراهم ۽ سياسي ۽ سفارتي حمايت ڪري سگهي ٿو.