ايران خلاف اسرائيلي اڳرائي ۽ عالمي برادريءَ جي خاموشي

0
32
کنڊ: ايڪسپورٽ- امپورٽ راند

وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن جو رکوال ۽ چوڪيدار اسرائيل، آمريڪا جي هُشيءَ ۽ هٿيارن جي زور تي مختلف ملڪن تي حملا ڪري خطي جي امن کي خطري ۾ وجهندو رهيو آهي. ان جي تازي اڳرائيءَ جو شڪار ايران ٿيو آهي. ايران تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ ايراني هٿياربند فوج جي سربراهه ميجر جنرل محمد باقري، پاسدارانِ انقلاب جي سربراهه ميجر جنرل حسين سلامي، پاسدارانِ انقلاب جي ايئرو اسپيس ڊويزن جي ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل امير علي حاجي زاده سميت 5 اعليٰ فوجي آفيسر ۽ 6 ائٽمي سائنسدان شهيد ٿي ويا آهن. اسرائيل ايران جي ائٽمي ۽ فوجي مرڪزن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ايران موجب، اسرائيلي حملن ۾ شهرين کي پڻ نشانو بڻايو ويو آهي. اسرائيلي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 شهري شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته زخمين جو تعداد 50 کان وڌيڪ آهي. ايران طرفان انهن حملن جو سخت جواب ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل مشن ايران خلاف اسرائيل جي فوجي اڳرائي جي تناظر ۾ سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي. مختلف ملڪن طرفان ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

13 جون 2025 تي، اسرائيل “Operation Rising Lion” تحت ايران جي ڪيترين ئي جوهري ۽ عسڪري تنصيبات تي اڳواٽ حملو ڪيو آهي. بغداد، تبريز، ۽ خاص طور تي نطنز ۾ موجود جوهري تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي. انهن هدفن ۾ مکيه جوهري سائنسدان، ۽ ميزائل تيار ڪرڻ وارا مرڪز شامل آهن. هن آپريشن جي جواز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آپريشن جو مقصد هو “ايران کي نيوڪليئر طاقت بڻجڻ کان روڪڻ” آهي. روس ۽ ترڪي هن صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. ايران تي حملي کان پوءِ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن جو عالمي معيشت تي اثر پوندو. توڙي جو اسرائيل ايران جي دفاعي مرڪزن ۽ نيوڪليئر سائنسدانن کي نشانو بڻايو، پر هي حملو ايران جي اندروني دفاعي ڳجهي سرشتي جي ناڪامي پڻ ظاهر ڪري ٿو. ايران جي انٽيليجنس کي مڪمل طور تي بيوس سمجهيو پيو وڃي.

اسان سمجهون ٿا ته، هي حملو صرف فوجي ڪارروائي ناهي، بلڪه علائقائي توازن جي تبديليءَ جي شروعات آهي. جيڪڏهن سفارتي رستا بند ٿي ويا، ته ايندڙ سالن ۾ هي تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. ان ڪري اهو انتهائي ضروري آهي ته عالمي ۽ علائقائي قوتون گڏجي، اقوام متحده جي ٽياڪڙيءَ ۽ سفارتڪاري ذريعي هن صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ فوري قدم کڻن، ته جيئن امن جو دور شروع ٿي سگهي. هن وقت خطي ۾ ايران کي اڪيلو ڪيو ويو آهي ۽ ظاهر آهي ته اسرائيلي حملي ۾ ڪجهه مسلم ملڪن جي اڏن جي استعمال ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي، جتان اسرائيل تي حملا ممڪن بڻيا. ان سڄي صورتحال ۾ آمريڪي ڪردار انتهائي افسوسناڪ آهي. هڪ طرف آمريڪا عالمي امن ۽ انساني حقن جو پاڻ کي چيمپيئن ظاهر ڪندو رهيو آهي ته ٻئي طرف ان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ظاهر ٿيندو رهيو آهي. سڄي دنيا جي ملڪن طرفان مطالبن باوجود آمريڪا غزه ۾ قتل عام روڪرائي نه سگهيو آهي ۽ ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ جڏهن ڪو ٺهراءَ اچي ٿو ته آمريڪا ان کي ويٽو ڪري ٿو ڇڏي. ايران جي حوالي سان به آمريڪا جو اهو ڪردار رهندو پيو اچي. دراصل آمريڪا جي اها ڪوشش رهندي پئي اچي ته، عراق، شام، لبيا، مصر ۽ ٻين ملڪن وانگر ايران ۾ به اهڙي حڪومت هجي، جيڪا آمريڪي مفادن لاءِ ڪم ڪري. خطي ۾ مزاحمت جي آخري ديوار به ڪيرائي ڇڏجي. آمريڪي خواب جي تعبير جو عمل اسرائيلي اڳرائيءَ ذريعي جاري آهي. هڪ سکي ستابي قديم تهذيب کي کنڊرن ۾ تبديل ڪرڻ کان نه ڪيٻايو ويندو، جيئن آمريڪا ۽ ان جي ‘ست- بگهاڙي’ ماضيءَ جي ڪردار ۽ مشاهدي مان ظاهر آهي. ايران خلاف اسرائيلي اڳرائي سڄي خطي کي خطرناڪ جنگ جي شعلن ۾ ڌڪي سگهي ٿي. ان ڪري فوري طور تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري وڏي تباهي آڻيندڙ جنگ کي ٽاريو وڃي. ايران جي خودمختياريءَ جو احترام ڪيو وڃي. اسرائيل کي پٽو وجهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.