ماسڪو (م ڊ) روس جو چوڻ آهي ته هن آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران جي ائٽمي ٿاڪن تي حملن جي مذمت ڪندي ايران جي حمايت ۾ هڪ ”واضح موقف“ اختيار ڪيو ۽ ماسڪو تهران سان لاڳاپن کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو. ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف ڪجهه تجزيه نگارن جي ان تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته ”ڪيترائي ماڻهو باهه تي تيل هاري ماسڪو ۽ تهران جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.“ پيسڪوف چيو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان تازي ملاقات دوران ماسڪو جي ڪردار کي انتهائي اهم ۽ قدر جوڳو قرار ڏنو.